Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

گناهن جي بيماري) ۾ تمام گھڻو مبتَلا ٿي چڪو هئس۔ سڄو ڏينهن مزدوري ڪرڻ کان پوءِ جيڪا رقم حاصل ٿيندي هئي رات جو ان مان مَعاذَالله عَزَّوَجَلَّ شراب وٺي خوب عَياشي ڪندو هئس، شور شرابو، گار گند ۽ والِدَين ۽ پاڙي وارن کي خُوب تنگ ڪندو هئس ان کان علاوه مان وڏو جُواري ۽ بدترين بي نَمازي به هئس۔ انهيءِ غفلت ۾ منهنجي زندَگي جا قيمتي ڏينهن ضائع ٿي رهيا هئا، آخِرِڪار منهنجي مُقدَّر جو تارو چمڪيو۔ ٿيو ائين جو خوش قسمتي سان منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمَّيدار اسلامي ڀاءُ سان ٿي۔ اُنهن اِنفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مَدَني قافلي ۾ سُنَّتن ڀري سَفَر جي ترغيب ڏياري، ان جي مٺن ٻولن ڪجھ اهڙو رنگ ڏيکاريو جو آئون انڪار نه ڪري سگھيس ۽ مان هٿو هٿ 3 ڏينهن جي مَدَني قافِلي جو مسافِر بڻجي ويس۔مَدَني قافِلي ۾ عاشِقانِ رسول جي صُحبت ملي ۽ دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتي اِداري مڪتبةُ المدينه جا شايع ٿيل رسالا به پڙهڻ جي لاءِ مليا، جنهن جي اها بَرَڪت حاصل ٿي جو مون جھڙو پڪو بي نَمازي، شرابي ۽ جُواري توبه ڪري نه رڳو نَماز پڙھڻ وارو بڻجي ويو بلڪه صداءِ مدينه لڳائڻ (يعني فجر جي نَماز جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ) ۽ ٻين کي مَدَني قافِلن جو مسافِر بنائڻ وارو بڻجي ويو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

صرف هڪ مهيني ۾ حِفظ قرآن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به هر مهيني عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر جو معمول بنائڻ گھرجي۔ مدني قافلي ۾ سفر جي برڪت سان جتي نيڪ عمل جي طرف رغبت ملندي آهي اتي عِلْمِ دِين سکڻ جو موقعو به ملندو آهي، جيڪڏهن اسان کي علم سکڻ جو شوق ۽ سچي لگن هوندي ته