Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

اسمه عبدان،عبدان بن زرّين …الخ،۳۷/۳۵۵) * عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشْفُ الاِلْتِباس فِي اسْتِحْبابِ اللِّباس ص۳۸) * عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي۔(فتاويٰ رضويه،۲۲/۱۸۶) * رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي ۽ ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي. (فتاويٰ رضويه، ۷/ ۲۹۹) * عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌيل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو ۔(فتاويٰ هنديۃ،۵/۳۳۰) * عِمامي جو طِبّي فائده اهو آهي جو مٿي اگھاڙي رهڻ وارن جي وارن تي سَردي گرمي ۽ اُس وغيره براه راست اثر انداز ٿيندي آهي هن سان نه صِرف وار بلڪ دِماغ ۽ چهرو به متاثر ٿيندو آهي ۽ صِحّت کي نقصان پهچي سگھي ٿو، ان ڪري سنّت جي پيروي جي نيت سان عمامو شريف ٻڌڻ ۾ ٻنهي جھانن ۾ عافيت آهي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

 

مجھ کو جَذبہ دے سفر کرتا رہوں پَروَردِگار

سُنتَّوں کی تربیَّت کے قافلے میں بار بار