Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

بي فائده ڪمن ۾ دُنياو آخرت بربادڪندو نظر اچي رهيو آهي اهڙي ۾ ڪجھ ماڻهو پنهنجي جان جي بازي به هاري ويندا آهن۔

فرمانِ مصطفٰي صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ماڻهؤ جي اسلام جي خُوبين مان هڪ اها آهي ته اهو ڪم ڇڏي ڏئي، جيڪو اُن کي نفعو نه ڏئي۔(سُنَنُ التِّرْمِذِي ج4 ص142 حديث 2324) جڏهن ته اسان جا بزرگانِ دين هميشه اهڙن فُضُول ڪمن کان پاسو ڪندا هئا، اُنهن تبليغ واشاعتِ علم جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو صحيح استعمال ڪيو ته ڪو مُفسر بڻيو ته ڪو مُحدِّث، ڪو فقيه بڻيو ته ڪو طبيبِ حاذق(ماهر طبيب/Specialist) الغرض هر هڪ پنهنجي پنهنجي صلاحيتن ۽ علمي ڪاوشن جي سبب اڄ به لکين دلين تي راج ڪري رهيا آهن، اسان کي به گھرجي ته پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت کي فُضُول ڪمن ۾ برباد ڪرڻ جي بدران اَسلاف جي نقشِ قدم تي هلندي زندگي گذاريون۔

عرب عالمن جي فرمائش!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت،امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شخصيت اسان جي لاءِ مشعلِ راه آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِلْمِ دِين سان مَحَبَّت ۽ ان جي اشاعت جي جذبي جي تحت انتهائي مَشقَّت جي باوجود به اُمّتِ مسلمه کي عِلْمِ دِين سان سيراب ڪيو، جيئن منقول آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن ٻئي ڀيري حج جي اِرادي سان عرب شريف ويا، جڏهن جهاز جي ذريعي جده پهتا ته اوهان کي بخار ٿي ويو، ٽي ڏينهن جده ۾ بخار جي حالت ۾ گذريا، حج جي ڏينهن ۾ ڪجھ افاقو ٿيو پر حج کان فراغت کان پوءِ وري بخار ٿي ويو، (ملفوظات:۱۸۳، بتغير) اهڙي حالت ۾ مڪي شريف جي سڀ کان وڏي عالمِ دين، سابق قاضي مڪه حضرت مولانا صالح ڪمال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه علمِ غيبِ مُصطَفٰي    صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي باري ۾ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪجھ سُوال پيش ڪيا ۽ چيائون ته ان جو جواب گھرجي ٿو۔ باوجود اهو جو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عليل (يعني بيمار)