Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

۽ اِخْلاص ۽ تَوڪل وغيرها ۽ ان کي حاصِل ڪرڻ جو طريقو ۽ باطِني گُناه مَثال طور تڪبُّر، رِياڪاري، حَسَد وغيرها ۽ ان جو عِلاج سکڻ هر مسلمان تي اَهم فرضن مان آهي۔  (ڪفريه ڪلمات ڪے بارے ۾ سُوال جواب ،ص ۳۴۲)

فرض علوم حاصل ڪيو!

افسوس!صد افسوس! اڄ مسلمانن جي اڪثريت فرض علوم سکڻ کان به غافل آهي، ياد رکو! اڃا وَقْت آهي فرض عُلوم سکي وٺو، نه ته ساھ رڪندي ئي علم ِدين حاصل ڪرڻ جو اهو انمول موقعو به هٿان نڪري ويندو۔

اَلْحَمْدُ لِلهِ عَزَّوَجَلَّ اڄوڪي دؤر ۾ دعوتِ اسلامي اسان جي لاءِ علمِ دين حاصل ڪرڻ نهايت ئي آسان ڪري ڇڏيو آهي۔ مدني مُنّن جي بهتر تعليم وتربيت جي لاءِ مدارسُ المدينه ،دارُالمدينه ۽ درسِ نظامي(عالم ڪورس ) ڪرڻ جي خواهشمنداسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي لاءِ جامعاتُ المدينه قائم آهن۔ سُبْحَانَ اللهعَزَّوَجَلَّ! 100 سيڪڙو اسلامي چينل يعني"مدني چينل" هڪ اليڪٽرانڪ مبلغ جي حيثيت سان گھر گھر نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي رهيو آهي، فيضانِ علمِ دين جا قيمتي موتي لُٽائي رهيو آهي، اُمّتِ مسلمه کي دُرست دِيني معلومات ۽ شرعي رهنمائي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن اميرِ اهلِ سُنّت جا مدني مذاڪرا ته ڪڏهن دارالافتاء اهلسنّت جي طرفان اهم ترين موضوعن تي مشتمل سلسلا علمِ دين حاصل ڪرڻ جا بهترين موقعا آهن، ان جي علاوه مختلف شعبن سان تعلُّق رکڻ وارن اسلامي ڀائرن جي مدني تربيت ۽ انهن ۾ وڌيڪ قابليت پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڪورسز به ڪرايا ويندا آهن۔ انهن ۾ 12 ڏينهن جو مدني ڪورس،41 ڏينهن جو مدني انعامات ۽ مدني قافله ڪورس ۽ 63 ڏينهن جو مدني تربيتي ڪورس ته نهايت ئي اَهميت جوڳا آهن۔ فرض عُلوم سکائڻ جي لاءِ ڪڏهن 63 ڏينهن جو "فيضانِ