Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اعليٰ حضرت جي رِياضي داني

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت ،امام اهلسنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عقل وفهم ۽ عِلْمِ دِين سان مَحَبّت جو عالَم اهو هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنجاھ علوم ۾ قلم کنيو ۽ قابل قدر ڪتاب تحرير فرمايا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي هر فن ۾ ڪافي قابليت حاصل هئي، عِلمِ تَوقِيت ۾ ته ايتريقدر ڪمال حاصل هيو جو ڏينهن ۾ سج، ۽ رات جو ستارا ڏسي گهڙي ملائيندا هئا ته وقت بلڪل صحيح هوندو هو ۽ ڪڏهن هڪ منٽ جو به فرق نه ٿيو. (اهڙي طرح) رياضيءِ جي علم ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هئا۔(تذڪره امام احمدرضا،ص ۶) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: (علمِ رياضي ۾) منهنجو ڪو اُستاد نه آهي، مون پنهنجي والدِ ماجد کان صرف چار (4) قاعدا جمع، ڪٽ، ضرب، ونڊ رڳو ان ڪري سکيا جو ترڪي (يعني وراثت) جي مسئلن ۾ انهن جي ضرورت پوندي آهي، شرح چَغْمِيني شروع ڪئي هئي ته والدِ ماجد فرمايائون ڇو پنهنجو وَقْت هن ۾ خرچ ڪيو ٿا، پياري مصطفيٰ  صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سرڪار مان اهي علم توهان کي پاڻ ئي سيکاريا ويندا۔

                                                  (فيضان اعلي حضرت،ص۵۵۰)

علمِ رياضي ۾ مَهارت جو هڪ دلچسپ واقعو ڪجھ ائين ملي ٿو ته عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءُالدين جنهن رياضيءَ ۾ غير ملڪي ڊگريون ۽ تمغا حاصل ڪيا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ رياضي جو هڪ مسئلو پُڇڻ آيا، ارشاد فرمايائون؛ فرمايو، انهن چيو؛ هي مسئلو اهڙو ناهي جنهن کي ايترو آسانيءَ سان عرض ڪيان، اعليٰ حضرت   رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو؛ ”ڪجهه ته ٻڌايو“ وائيس چانسلر صاحب سوال پيش ڪيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن انهيءَ وقت ان جو مطمئن ڪندڙ جواب