Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

فرض عُلوم ڪورس " جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي،جنهن ۾ دارالافتاء اهلسنّت جا مفتي سڳورا ۽ ٻيا عالم سڳورا (مدني اسلامي ڀاءُ) جدول جي مطابق اسلامي ڀائرن کي نهايت آسان انداز ۾ فرض عُلوم تي مشتمل مدني گلن سان نوازيندا آهن جيئن ته هاڻي هر موبائل فون ۾ ميموري ڪارڊ(Memory Card) لڳائڻ جي سهولت موجود هوندي آهي لهٰذا دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه عِلْم حاصل ڪرڻ جي طلبگارن جي آساني جي لاءِ ان فرض عُلوم ڪورسز جي ويڊيوز کي ميموري ڪارڊز(Memory Cards) ۾ جاري ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ مسلمان فائدو کڻي سگھن، دعوتِ اسلامي جي تحت انهن ڪورسز ۾ جتي عِلْمِ دِين حاصل ڪرڻ جو جذبو بيدار ڪيو ويندو آهي اتي ڪافي حد تائين فرض عُلُوم جي معلومات به ٿي ويندي آهي۔علمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ عمل جو جذبو حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو هر مهيني عاشقانِ رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ به آهي ۔ راه خدا ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ مَدَني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وڏي سعادت جي ڳالھ آهي ڇوته مَدَني قافلن جي برڪت سان نه صرف پنج وَقْت نمازِ باجماعت جي سعادت نصيب ٿيندي آهي بلڪ پياري آقا ،حبيبِ ڪبريا صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سنّتون سکڻ ۽ علمِ دين حاصل ڪرڻ جو موقعو به ملندو آهي ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان به علم حاصل ڪرڻ جي انهن ذريعن مان فائدو کڻون ۽ پنهنجي آخرت کي بهتربڻايون ۽ گھڻيون برڪتون ماڻيون۔ اچو! ترغيب جي لاءِ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

شرابيءَ جي توبه

چُنانچِه مَهاراشٽر (هند) جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو لُبِّ لُباب آهي: دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابَستگي کان پهريان مان مرَضِ عِصيان (يعني