Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

خدمتون اڃا تائين باقي آهن، اوهان جون اهي قلمي خدمتون (يعني ڪتاب) اهلِ سُنّت جو نهايت وڏو سرمايو آهن، جنهن جي هڪ ننڍي جھلڪ فتاويٰ رضويه کي ڏسي وٺو جو جنهن جو فيضان اڃا به سڄي دُنيا ۾ جاري و ساري آهي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

عِلمِ دِين سان عشق!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڪثير مصروفيات، بيماري جي حالت ۽ ڪتابن جي عدم دستيابي جي باوجود نهايت فصيح عربي زبان ۾ صرف ٻن ڏينهن جي اندر ئي هڪ نادر ڪتاب تصنيف فرمائي ڇڏيو، هن عظيم ڪارنامي سان جتي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وسعتِ علمي ثابت ٿيندي آهي، اتي سندن علمِ دين جو شوق به ظاهر ٿئي ٿو، يقيناً ايتري قدر عظيم علمي ڪم اهو ايتري گھٽ وقت ۾ انهيء وقت ٿي سگھي ٿو جڏهن علمِ دين سان محبت ۽ ان جو شوق عشق جي حد تائين پهچي چڪو هجي۔ ياد رکو علمِ دين سکڻ جو شوق انهيء صورت ۾ پيدا ٿي سگھندو جو جڏهن اسان عالمن جي اهميت کي سمجھنداسين، انهن جي صحبت ۾ ويهنداسين، علمِ دين سکڻ سيکارڻ وارن کي سٺو سمجھنداسين، پر افسوس صد افسوس اسان جي اڪثريت عِلْمِ دِين کان دُوري جي سبب فضول ڪمن ۾ پنهنجو وقت ضائع ڪري رهي آهي ،عِلْمِ دِين سکي ٻين کي سکارڻ ته پري جي ڳالھ آهي اسان کي ته اهي ضروري مسائل به سکڻ جي توفيق ناهي جن جو سکڻ اسان تي فرض آهي ۔

فرض علوم ڪهڙا آهن؟

حَديثِ پاڪ ۾ آهي:طَلَبُ العِلْمِ فَرِيضَۃٌ عَلٰي کُلِّ مُسْلِمٍ۔يعني عِلم حاصل ڪرڻ هر