Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

المُڪرَّم۱۲۷۲ھ ڇنڇر جي ڏينهن بَوقتِ ظُهر بمطابق چَوڏهن (14) جُون 1856ء تي ٿي۔([1])اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خانداني لحاظ کان پٺاڻ، مَسلڪ جي لحاظ کان حنفي، طريقت جي لحاظ کان قادِري ۽ وِلادت واري هنڌ جي لحاظ کان بريلوي هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والد سڳوري جو نالو مولانا نقي علي خان(رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) ۽ ڏاڏي جو نالو مولانا رضا علي خان (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) هو۔([2])پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پيدائشي نالو ”محمد“ آهي، امڙ سائڻ ”اَمَّن مياں“ سڏيندي هئي، والد ِماجد ۽ ٻيا رشتيدارن ”احمد مياں“ ۽ ڏاڏي ”احمد رضا“ نالو رکيو۔ سندن تاريخي نالو اَلْمُخْتَار آهي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ پنهنجي نالي کان پهريان ”عبدُالمصطفٰي“ لکندا هئا۔([3])

 

مصطفٰی کا وہ لاڈلا پیارا                            واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی

غوثِ اعظم کی آنکھ کا تارا                        واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

هاڻي ڪتاب وٺي وڃڻ جي حاجت ناهي!

خليفه اعليٰ حضرت،ملِڪ العُلَما حضرت علّامه مولانا مُفتي ظفرُ الدّين بِهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان فرمائن ٿا: اعليٰ حضرت (هند جي هڪ علائقي) پيلي ڀِيت ۾ حضرت وَصي احمد (مُحدِّثِ) سُورتيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي گھر مهمان هئا، هڪ ڏينهن گفتگو دوران فِقْه جي هڪ ڪتاب جو تذڪرو ٿيو، اهو ڪتاب مُحدِّث ِ

 

 



[1]حیاتِاعلیٰحضرت،۱/۵۸ملخصاً

[2]فاضل بریلوی علمائے حجاز کی نظر میں،ص۶۷بتغیر قلیل

[3]تجلیات امام احمد رضا، ص۲۱بتغیر قلیل