Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

نڪرڻ وارن تي الله عَزَّ وَجَلَّ جون ڪيتريون ڪرم نوازيون ٿينديون آهن جو اهي خُوش نصيب جيستائين واپس نه موٽن الله عَزَّوَجَلَّ جي راھ ۾ شُمار ڪيا ويندا آهن، انهن جي اعمال نامي ۾ حج ڪرڻ وارن برابر ثواب لکيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن طالبِ علم جو انهيء حالت ۾ انتقال ٿئي ته ان کي جنَّت ۾ بُلندوبالا درجات سان به نوازيو ويندو آهي، ان ڪري اسان کي به حُصُولِ علم جي انهن فضائل کي ماڻڻ جي لاءِ علمِ دِين حاصل ڪرڻ گھرجي۔ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِفقط امِيرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه نگرانِ شوريٰ ۽ ٻين مبلغن جي بيانن، اُستادصاحب کان ٻڌل ڳالهيون، يا ڪنهن ڪتاب جي ڪن ڪن هنڌن تا منتخب مدني گل ڪڍڻ تي اِڪتفا نه ڪيو وڃي بلڪ پنهنجي محنت ۽ مُطالَعي جي شوق جي ذريعي مڪتبةُ المدينه جا ڪتاب ۽ رسالا اول تا آخر هر هر مُطالعو ڪيو، اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان معلومات جو وڏو خزانو هٿ ايندو ۽علم جو شوق به وڌندو۔

سبق ياد ڪرڻ ۽ ٻڌائڻ جو دلنشين انداز

اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمدرضاخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اُستاد صاحب کان ڪڏهن به چوٿائي(1/4) ڪتاب کان وڌيڪ نه پڙهيو پر اوهان جي مطالعي جو شوق ۽ ذهانت جو هي عالَم هو جو چوٿائي(1/4) ڪتاب اُستاد کان پڙھڻ کان پوءِ باقي تمام ڪتاب جو پاڻ مُطالَعو ڪري ۽ ياد ڪري ٻڌائيندا هئا۔

 (حياتِ اعليٰ حضرت ،۱/۷۰)

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ پنهنجي علمِ دِين جي شوق ۽ قوتِ حافظي کي بيان ڪندي فرمائن ٿا منهنجا استاد جنهن وٽ مان شروعاتي ڪتاب پڙهندو هئس جڏهن مون کي سبق پڙهائيندا هئا هڪ ٻه ڀيرو ڏسي ڪري ڪتاب بند ڪري ڇڏيندو هئس، جڏهن سبق ٻڌندا هئا ته حرف به حرف لفظ به لفظ ٻڌائي ڇڏيندو هئس، روزانو اها حالت ڏسي ڪري استاد صاحب کي سخت تعَجُّب ٿيندو هو،