Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

جيڪڏهن تون جلدي توبهه ڪندين ته اُمِيد آهي ته جلد ئي گناهن تي اِصرار جي مرض جو خاتمو ٿي وڃي ۽ گُناهن جي خرابي جو بار تنهنجي ڪنڌ تان لهي وڃي گناهن جي ڪري جيڪا دل جي سختي پيدا ٿيندي آهي ان کان هرگز بي خوف نه ٿي، پر هر وقت پنهنجي دل تي نگاهه رک، ڇو ته ڪجهه صَالِحِين رَحِمَهُمُ اللهُ المُبِين فرمايو آهي ته بيشڪ گناهه ڪرڻ سان دل ڪاري ٿي ويندي آهي ۽ دل جي ڪاراڻ جي نشاني اها آهي ته گناهه ڪندي گهٻراهٽ ۽ پريشاني ناهي ٿيندي، طَاعَت (يعني عِبادت) جي لاءِ موقعو ناهي ملندو، نَصِيحت مان ڪو فائدو ناهي ٿيندو (يعني نصيحت ۽ بيان ٻڌي دل تي اثر ناهي ٿيندو) اي عزيز! ڪنهن گناهه کي معمولي نه سمجهه ۽ ڪبيرھ گناهن تي اِصرَار ڪرڻ جي باوجود پنهنجو پاڻ کي تائب (توبه ڪرڻ وارو) گُمان نه ڪر ـ۔

                                                                        ( منهاج العابدين ،ص۶۹ ،غيبت ڪي تباه ڪارياں ،ص۴۲۹)

 

میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں

حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یا ربّ!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو حافظو مضبوط ڪرڻ جا ڪجھ نُسخا به ٻڌون ٿا:

ترڪ گناھ (يعني گناھ ڇڏي ڏيڻ) حافظي جي قوت جو بهترين مددگار آهي۔ ٭حرام روزي کان بچڻ به قوتِ حافظه جي مضبوطي جو سبب آهي٭ اسان جيڪو به علمِ دين سکون، اُن تي عمل ڪيون ٭ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پنهنجي حافظي جي مضبوطي جي لاءِ دعا ڪيون "اي منهنجا مالڪ