Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

ڏنو، انهن کي ڏاڍي حيرت ٿي، تمام گهڻي تعجب مان چوڻ لڳا ته مان ان مسئلي جي لاءِ جرمني وڃڻ چاهيو پئي ته اتفاق سان اسان جي دينيات جي پروفيسر مولانا سيّد سُلَيمان اشرف صاحب منهنجي رهنمائي فرمائي ۽ مان هتي حاضر ٿيس، ائين ٿو معلوم ٿئي ته توهان انهيءَ مسئلي کي ڪتاب ۾ ڏسي رهيا هئا. ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻو خوش ٿي واپس موٽيا، ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شخصيت کان ايتري قدر مُتَاثِر ٿيا جو ڏاڙهي به رکيائون ۽ نماز ۽ روزي جا به پابند بڻجي ويا.۔( فيضان اعلي حضرت۵۵۰) اللهعَزَّوَجَلَّ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي ـ   

 

جس نے دیکھا اُنہیں عقیدت سے                           قلب کی آنکھ سے محبت سے

مرحبا مرحبا پُکار اُٹھّا                                                                   واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه والدِ محترم کان علمِ رياضي جا صِرف چار(4) قاعدا ئي سکيا ها، پر ان چئن(4) قاعدن جي مدد ۽ پنهنجي شوق ِعلم سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه علم ِرياضي ۾ اهڙي ڪامل مهارت حاصل ڪئي جو وڏي وڏي ڊگرين وارو نامور رياضي دان به اوهان مان اهڙو مُتاثر ٿيو جو سندن جا گُڻ ڳائڻ لڳو ۽ چهري تي ڏاڙھي شريف سجائي نماز روزي جو عادي بڻجي ويو۔ ياد رهي! قابليت ۽ صلاحيت اللهعَزَّوَجَلَّ هر هڪ کي عطا فرمائي آهي پر ڪو ته پنهنجي انهن صلاحيتن کي فضول ڪمن، ابتن تجربن ۽ راند روند ۾ ضائع ڪري ڇڏيندو آهي، ڪو وَن وِيلنگ (One Wheeling) ڪري نالو ڪمائڻ چاهيندو آهي ته ڪو مختلف شعبدا ڏيکاري ماڻهن کي متاثر ڪندو آهي ڪو اِنتهائي بلندي تان ٽپو ڏئي ڪري ريڪارڊ ٺاهيندو آهي۔ الغرض هر هڪ شهرت جي بُلندين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن