Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen

ڪتاب ته پري جي ڳالھ مُطلقاً ٽيھ (30) ديني ڪتابن جا نالا به ياد نه هوندا جڏهن ته اسان جي امام، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عِلْمِ دِين جي شوق جو عالَم هي آهي جو صرف فنِ حديث ۾ ئي پنجاھ (50) کان وڌيڪ ڪتاب سندن درس و تدريس ۽ مُطالعي ۾ شامل رهيا آهن ۽ ائين ناهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  فقط مُطالَعي ۾ئي مشغول رهندا هئا بلڪ ٻيون ڪيئي مصروفيتون مثال طور سڄي دُنيا کان آيل اسْتفتاء جا جواب ڏيڻ، خطن جا جواب موڪلڻ، مهمانن ۽ مُسافرن سان مُلاقات ڪرڻ، راه حق کان ڀٽڪيل ماڻهن جي اصلاح ڪرڻ، تصنيف و تاليف ڪرڻ اوهان جي زندگي جو حصّو هو۔ يقيناً اهو الله عَزَّوَجَلَّ جو خاص فضل ۽ ڪرم ئي آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪم و بيش پنجاھ (50) کان وڌيڪ عُلُوم و فُنُون ۾ ڪامل مهارت حاصل هئي ، ڇھ هزار اٺ سو ستيتاليھ (6847) سُوالن ۽ جوابن ۽ ٻه سو ڇھ(206) رسالن سان مُزَّين ٽيھ (30) جلدن تي مُشتمل ايڪويھ هزار ڇھ سو ڇاونجاھ (21,656) صفحن تي مُشْتَمِل فتاويٰ رضويه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذَوقِ علمي۽خدمتِ دين جو سڀ کان وڏو دليل آهي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان جي تمام ديني خدمتن کي قبول فرمائي ۽ اوهان جي مزارِ پُر انوار تي رحمت ۽ رضوان جو مينهن وسائي ۽ اسان کي اوهان جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 

الله الله تَبَحُّرِ علمی                                    اب بھی باقی ہے خدمتِ قلمی

اہلِ سُنّت کا ہے جو سرمایہ                        واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد