Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

1.         کي قبول ڪرڻ جي عادت، گذريل گناهن تي ندامت کان بي پرواهه ۽ آئينده جي لاءِ دلير و جرات مند بڻائي ڇڏيندي آهي.

2.         نصيحت بري محسوس ٿيندي آهي ۽ معاذ الله عَزَّوَجَلَّ ڪڏهن ڪڏهن ته عذاب بابت بيان ٿيل آيتن ۽حديثن کان بيزاريت جو اظهار به ڪري ڇڏيندو آهي.

3.         پوءِ ڇو ته اهڙن ماڻهن کي پنهنجي هنن خيالن جي باري ۾ ماڻهن جي طرف کان مذمت جو خوف رهندو آهي، ان ڪري ان خوف کان دوري جي لاءِ پنهنجي نفس جي مشوري جو تابع ٿي ٻين کي به دليلن سان قائل ڪيو ويندو آهي ته جيئن هن طرف کان به امن حاصل ٿي وڃي، هاڻي جيڪڏهن سامهون وارو ان جا دليل قبول ڪري ته ان کي وڏي ڪاميابي قرار ڏني ويندي آهي. پر ان کي ايترو شعور ناهي ته هن طرح ٻين مسلمانن کي به انهيءَ رستي تي هلائڻ ۾ شيطان جي لاءِ ڪيتري قدر آساني جو سامان آهي. تنهنڪري الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تي اميد رکڻ سان گڏوگڏ نيڪين ۾ دل لڳائڻ ۽ پاڻ کي گناهن کان بچائڻ جي ڪوشش به ڪريو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! في زمانه دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول گناهن کان بچائڻ، نيڪين ۾ دل لڳائڻ، رحمتِ الٰهي تي اميد رکڻ ۽ عذابِ الهي کان ڊيڄارڻ جو بهترين ذريعو آهي لهٰذا اسان به موقع غنيمت ڄاڻيندي ان مدني ماحول سان هر دم وابسته رهڻ گهرجي.

”شعبه تعليم“ جو تعارُف

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! تبليغِ قرآن و سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي سنتن جي خدمت جي لاءِ اٽڪل 102 شعبن ۾ مدني