Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

جنّت جو انوکو ميوو!

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جنّت جي انهن نعمتن کان لطف ماڻڻ جو هڪ طريقو هي به آهي ته اسان ٻين فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ مالڪِ ڪوثر و جنّت محبوبِ ربّ العزّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ذاتِ طيبه تي درودِ پاڪ پڙهڻ جي عادت ٺاهيو امير المؤمنين حضرتِ مولاءِ ڪائنات علي المرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جنّت ۾ هڪ وڻ پيدا فرمائيندو آهي جنهن جو ميوو صوف کان وڏو ڏاڙهونء کان ننڍو مکڻ کان نرم ماکيءَ کان مٺو ۽ مُشڪ کان وڌيڪ خوشبودار آهي هن وڻ جون ٽاريون آلن موتين جون، پاڙ سون جي ۽ پن زبرجد جا آهن. حديث پاڪ لَا یَاْکُلُ مِنْہَا اِلَّا مَنْ اَکْثَرَ مِنَ الصَّلَاۃِ عَلٰی مُحَمَّدٍ هن وڻ جو ميوو صرف اُهو ئي کائي سگهندو جيڪو محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهندو (الحاوی للفتاوٰی للسیوطی، ۲/۴۸))

درود پاڪ اهڙي پياري عبادت آهي جيڪا محشر جي ڏينهن سخت گرميءَ جي عالم ۾ محبوبِ ربّ اڪبر شافع محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم درود پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ وارن خوشنصيبن کي حوض ڪوثر تي سُڃاڻي وٺندا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي حوضِ ڪوثر تي ڪجھ ماڻهو ايندا جن کي مان ڪثرتِ درود جي سبب سُڃاڻي وٺندس. (القول البدیع،الباب الثانی فی ثواب الصلاۃ …الخ،ص ۲۶۴)

یا الٰہی جب پڑے محشر میں شورِ دارو گیر

 

اَمْن دینے والے پیارے پیشوا کا ساتھ ہو

یا الٰہی جب زبانیں باہر آئیں پیاس سے

 

صاحبِ کوثر شہِ جُود و عطا کا ساتھ ہو

یا الٰہی سرد مُہری پر ہو جب خورشیدِ حشر

 

سیّدِ بے سایہ کے ظِلّ لوِا کا ساتھ ہو

یا الٰہی گرمیِ محشر سے جب بھڑکیں  بدن

 

دامنِ محبوب کی ٹھنڈی ہوا کا ساتھ ہو