Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

ڇڏي ۽ ان کي مقامِ علّيّين ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن قيامت جي ڏينهن ان جي بدلي مون کي ثواب عطا ڪيو وڃي. ”مون پڇيو؛“ اوهان کي ٻيون ڇا ڇا نعمتون عطا ڪيون ويون؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا فرمائڻ لڳيون؛ ”الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي لاءِ جيڪي نعمتون تيار ڪري رکيون آهن، اهي بيان کان ٻاهر آهن. توهان ته هن نعمتن جي هڪ جهلڪ ئي ڏٺي آهي، ان کان علاوه خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون ان پنهنجي اولياءِ جي لاءِ تيار ڪري رکيون آهن.“ پوءِ مون عرض ڪيو؛ مون کي ڪو اهڙي عمل جي بابت ٻڌائي ڇڏيو جنهن جي ذريعي مون کي الله جو قرب ۽ ان جي رضا نصيب ٿئي. ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا فرمايو؛ ”ڪثرت سان ذڪر الله ڪر، هر وقت پاڻ تي ذڪر الله لازم ڪري ڇڏ. جيڪڏهن ايئن ڪندين ته اميد آهي اوهان کي اهڙين نعمتن سان نوازيو ويندو جو توهان قابلِ رشڪ بڻجي ويندو.“ (عيون الحڪايات، ج. 1، ص. 168)

گدا بھی مُنتظر ہے خُلد میں نیکوں کی دعوت کا

خُدا دن خَیْر سے لاۓ سَخی کے گھر ضِیافَت کا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

وڏو ڌوڪو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت بيحد ۽ بي حساب آهي. ان کان پنهنجي مغفرت ۽ بخشش جي اميد رکڻ گهرجي پر هي به ياد رکو ته جيڪڏهن ايمان جي بنيادي تقاضن کي پورو نه ڪيو وڃي، فرائض ۽ واجبات کي ترڪ ڪيو وڃي، پنهنجي دل کي برن خيالن ۾ مصروف رکيو وڃي، دنياوي لذتن