Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

ڪم ڪري رهي آهي. هنن شعبن مان هڪ ”شعبه تعليم“ به آهي. جيئن ته شاگرد ملڪ ۽ قوم جو قيمتي سرمايو هوندا آهن ۽ مستقبل ۾ قوم جي ڀڄ ڊڪ به اهو ئي سنڀاليندا آهن انهيءَ لاءِ جيڪڏهن انهن جي شريعت مطابق تربيت ڪئي وڃي ته سڄو معاشرو خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي جو گهوارو بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري سڀني گورنمنٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين وغيره سان وابسته ماڻهن ۾ قرآن و سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مجلس شعبه تعليم کي قيام ۾ آندو ويو. جنهن جو بنيادي مقصد تعليمي ادارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ “ جي مطابق زندگي گذارڻ جو مدني ذهن ڏيندو آهي.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

                          اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خلاصو

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شبِ معراج تي رحمتِ الٰهي جي جنتي مشاهدن جي بابت ٻڌيو، جنهن مان اسان کي معلوم ٿيو؛

ª        جنت ۾ الله عَزَّوَجَلَّ 3 نهرون ٺاهيون آهن جنهن مان هڪ ان جي رحمت ٻئي نعمت ۽ ٽئين نهر پاڪيزه شراب جي آهي، انهن نهرين مان الله عَزَّوَجَلَّ جنتين کي سيراب فرمائيندو.