Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

موتين سان تيار ڪيل گنبد جهڙا خيما

معراج جي رات پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن رحمتِ اِلٰهي جي مشاهدن مان هي به ڏٺائون  ته جنّت ۾ موتين سان تيار ڪيل گنبد جهڙا خيما ملاحظه فرمايا، جنهن جي مٽي مُشڪ جي هئي. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرتِ جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کان پڇيائون: لِمَنْ ھٰذا  یَا جِبْرِیْل يعني اي جبريل! هي ڪنهن لاءِ آهن؟ عرض ڪيو: اي مُحَمَّد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي توهان جي اُمّت جي آئمه (يعني مسجد جي امام) ۽ مؤذِّنن جي لاءِ آهن. (المسند للشاشى، مسند عبادة بن الصامت، ٣/٣٢١، الحديث :١٤٢٨)       

نور ۾ لڪيل ماڻهو

سَفَرِ معراج جي حسين رات پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گُذر هڪ اهڙي شخص وٽان ٿيو جيڪو عرش جي نُور ۾ لڪيل هو. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: هي ڪير آهي، ڇا ڪو ملائڪ آهي؟ عرض ڪيو ويو: نه. فرمايائون: ڪو نبي آهي؟ چيو ويو: نه. پڇيائون: پوءِ هي ڪير آهي؟ ٻڌايو ويو: هي اُهو شخص آهي جنهن جي زبان دنيا ۾ ذڪرِ الٰهي سان تَر رهندي هئي، ان جو دل مسجدن سان لڳل رهندو هو ۽ هي ڪڏهن به پنهنجي والدين کي بُرو چوڻ ۽ اُن جي بي عزتي ڪرڻ جو سبب نه بڻيو. (موسوعة الامام ابن ابى الدنيا، ڪتاب الاوليا، ٢/٤١٥، الحديث: ٩٥)

آسمانوں پر گئے اور خُلد کی بھی سَیر کی

شاہ کا یہ مرتبہ، اہلاً وّسہلاً مرحبا