Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

ª        گناهن کان سچي توبهه ڪرڻ وارن تي رحمت الٰهي جو ڪهڙو ڪرم ٿيو ته رحمتِ الٰهي  جي نهر ۾ غوطو لڳائڻ سان انهن جي چهرن جي سياهي ڌوپجي وئي پوءِ جڏهن نعمتِ الٰهي جي نهر ۾ غوطو هنيو ته انهن جي رنگت مزيد نکرجي پئي ۽ جڏهن پاڪ شراب جي نهر مان پيتو ته انهن جي چهرا بلڪل سفيد ٿي ويا. ياد رهي ته انهن کي گناهن جي سياهي کان نجات ان سبب ملي جو اهي (دنيا ۾) رب عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ پنهنجي گناهن کان سچي توبهه ڪئي هئي ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي توبهه کي قبول فرمائي انهن جي چهرن کي روشن فرمائي ڇڏيو.

ª        جنت ۾ 100 درجا آهن فردوس سڀ کان اعلٰي جنت آهي، حديث شريف ۾ جنت الفردوس جي سوال جي ترغيب آئي آهي.

ª        جنت ۾ الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي لاءِ اهڙا اهڙا انعام تيار ڪري رکيا آهن جنهن کي نه ڪنهن اک ڏٺو ئي نه ڪنهن ڪن ٻڌو ۽ نه ئي ڪنهن جي دل ۾ ان جو خيال گذريو.

ª        بيان جي دوران اسان جنت جا وارث ٿيڻ وارن خوش نصيبن جو تذڪرو ٻڌو، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به انهن خوش نصيبن ۾ شامل ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.

ª        فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ حوضِ ڪوثر تي ڪجهه اهڙا ماڻهو ايندا. جنهن کي مان ڪثرتِ درود جي سبب سڃاڻي وٺندُس. لهٰذا اسان کي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ گهرجي.