Share this link via
Personality Websites!
به عرض ڪيو ته ان نعمتن مان مزو ماڻيندڙ خوش نصيبن کي منهنجي اندر داخل فرماءِ، ان تي خالقِ ڪائنات عَزَّوَجلَّ جنت کي اُن ۾ رهندڙ يعني اهلِ ايمان مَردن ۽ عورتن جي باري ۾ ٻڌائڻ کان پوءِ ڪامياب مؤمنن جون خوبيون به بيان فرمايون، اچو ته اُهي خوبيون ٻڌون ٿا. جيئن ته
سيپاري 18 سورۂ مُؤْمِنُوْن آيت نمبر 1 کان 11 ۾ جنت جي وراثت حاصل ڪرڻ وارن خوش نصيبن جي باري ۾ ارشادِ باري تعاليٰ آهي:
| قَدۡ اَفۡلَحَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ۙ﴿۱﴾الَّذِیۡنَ ہُمۡ فِیۡ صَلَاتِہِمۡ خٰشِعُوۡنَ ۙ﴿۲﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَنِ اللَّغۡوِ مُعۡرِضُوۡنَ ﴿ۙ۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِلزَّکٰوۃِ فٰعِلُوۡنَ ۙ﴿۴﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِفُرُوۡجِہِمۡ حٰفِظُوۡنَ ۙ﴿۵﴾ اِلَّا عَلٰۤی اَزۡوَاجِہِمۡ اَوۡ مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُمۡ فَاِنَّہُمۡ غَیۡرُ مَلُوۡمِیۡنَ ۚ﴿۶﴾ فَمَنِ ابۡتَغٰی وَرَآءَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡعٰدُوۡنَ ۚ﴿۷﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِاَمٰنٰتِہِمۡ وَ عَہۡدِہِمۡ رٰعُوۡنَ ۙ﴿۸﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَلٰی صَلَوٰتِہِمۡ یُحَافِظُوۡنَ ۘ﴿۹﴾ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡوٰرِثُوۡنَ ﴿ۙ۱۰﴾ الَّذِیۡنَ یَرِثُوۡنَ الۡفِرۡدَوۡسَ ؕ ہُمۡ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۱۱﴾ (پ ۱۸، المؤمنون: ۱۔ ۱۱) | ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ مراد کي پهتا ايمان وارا. جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ۽ زاري ڪن ٿا. ۽ اُهي جيڪي ڪنهن بيهوده ڳالھ جي طرف واجھائيندا نه آهن. ۽ اُهي جيڪي زڪوٰت ادا ڪندڙ آهن. مگر پنهنجين زالن يا شرعي ٻانهين تي جيڪي انهن جي هٿ ملڪيت آهن (اِنهن سان) انهن تي ڪا ملامت نه آهي. پوءِ جيڪو انهن ٻن کان سواءِ ڪجھ ٻيو گھري ته اُهي حد کان لنگھندڙ آهن. ۽ اُهي پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي عهد جي رعايت ڪندڙ آهن. ۽ جيڪو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا آهن. اُهي ئي ماڻهو وارث آهن. جيڪي فردوس جا وارث ٿيندا سي ان ۾ هميشه رهندا. |
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami