Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

گھڻين ئي نعمتن جو مشاهدو فرمايو. اڄ اسان انعاماتِ الٰهي جي باري ۾ ٻُڌي ڪري انعامات تائين وٺي وڃڻ وارن عملن جي نيّت به ڪندا سين. جيئن ته ،

ٽي (3) نهرون

معراج جي رات تاجدارِ رِسالت، شہنشاہِ نُبوّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جنّت جي دروازي جي ويجھو ڪرسي تي ويٺل هڪ شخص کي ڏٺائون، جنهن جي وارن ۾ ڪَنگھي ڪيل هئي ۽ اُن جي ويجھو ڪجھ سفيد چهرن وارا ۽ ڪجھ سياھ (ڪارن) چهرن وارا ماڻهو هئا، پوءِ اُهي ماڻهو جنهن جي رنگت ڪاري هئي، هڪ نهر وٽ آيا ۽ اُن مان غسل ڪيائون ته انهن جو رنگ صاف ٿي ويو، اُن کان پوءِ اُهي وري هڪ ٻي نهر تي آيا ۽ اُن مان غسل ڪيائون ته اُنهن جو رنگ مزيد صاف ٿي ويو، اُن کان پوءِ انهن ٽين نهر مان غسل ڪيو ته اُھي بُلڪل سفيد ٿي ويا. آخرڪار اُهي پنهنجي انهن ساٿين سان گڏ ويهي رهيا. رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پڇيو: اي جبريل! هي ڪير ماڻهو آهن؟ جن جا چهرا سفيد آهن ۽ اُهي ڪير هئا جن جي رنگت ۾ ڪجهه خرابي هئي، پوءِ اُهي نهر مان غسل ڪري نڪتا ته انهن جا رنگ صاف ٿي ويا؟ عرض ڪيو ويو: يَا رَسُوْلَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي (جنّت جي دروازي جي ويجھو ڪرسي تي ويٺل) شخص توهان جا والدِ حضرتِ ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام آهن، هي زمين تي پهريان شخص آهن جن ڪنگھي (يعني وارن کي ڦڻي ڏني هئي) ۽ هي سفيد چهري وارا اُهي شخص آهن جن پنهنجي ايمان ۾ ڪنهن ناحق جي آميزش (ملاوٽ)