Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

نصيبي ۽ ان تي رحمتِ الٰهي جي ڪثرت جو اندازو ڪير لڳائي سگهي ٿو جيڪو روزانو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهندو هوندو .

بیکار گفتگو سے مری جان چھوٹ جائے

 

ہر وقت کاش! لب پہ درود و سلام ہو

یوں مجھ کو موت آئے تمہارے دیار میں

 

چوکھٹ پہ سر ہو لب پہ درود و سلام ہو

ہو جائیں ختم کاش! گناہوں کی عادتیں

 

ایسا کرم اے سیّدِ خیر الانام ہو

آقا! غم مدینہ میں رونا نصیب ہو

 

ذکرِ مدینہ لب پہ مرے صبح و شام ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جنت جي دروازي تي لکيل تحرير

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله جي رحمت تي  قربان وڃو  ته هو رحمٰن ۽ رحيم ربّ عَزَّوَجَلَّ مختصر عملن تي به پنهنجي ٻانهن کي ائين نوازيندو آهي جو اسان سوچي به نٿا سگهون. معراج جي رات پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جنّت ۾ پنهنجي اُمّتين جي لاءِ رحمتِ الٰهيءَ جو مشاهدو ڪندي ان جو وڌيڪ تذڪرو فرمائن ٿا ته مون جنت جي دروازي تي هي لکيل ڏٺو ته صَدَقي جو ثواب ڏھ (10) ڀيرا ۽ قرض جو ارڙهن (18) ڀيرا آهي. مون جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کان پڇيو: ڇا سبب آهي جو قرض جو دَرَجو صَدَقي کان وڌيڪ ٿي ويو آهي؟ انهن چيو تي سوالي وٽ مال هوندو آهي ۽ پوءِ به سوال ڪندو آهي جڏهن ته قرض وٺڻ وارو ضرورت جي سبب تي ئي قرض وٺندو آهي.

 (سنن ابن ماجة، ڪتاب الصدقات، باب القرض، ص٣٨٩، الحديث:٢٤٣١)