Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان درود پڙهڻ جي عادت ٺاهڻ گهرجي. ياد رهي! درودِ پاڪ ڏسڻ ۾ ته مختصر عمل آهي ته ٻانهو نهايت گهٽ وقت ۾گهڻي تعداد ۾ درودِ پاڪ پڙهي سگهي ٿو پر هن ڪريم ربّ عَزَّوَجَلَّ جي شان به ڏسو ته هو پنهنجي ٻانهن تي ڪيتري قدر مهربان آهي ان مختصر  عمل تي ثواب جو گهڻو خزانو عطا فرمائي ڇڏيندو آهي. جيئن ته

حضرتِ سيدنا ابو طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان حال ۾ تشريف کڻي آيا ته خوشي جا آثار پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي چهري مان ظاهر هئا، ارشاد فرمايائون؛ جبرائيل مون وٽ حاضر ٿي عرض گذار ٿيو، اوهان جو رب عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو؛ ”اي محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا توهان ان ڳالهه تي راضي ناهيو ته توهان جو امتي توهان تي هڪ ڀيري درودِ پاڪ موڪلي ته مان ان تي 10 ڀيرا رحمت موڪليندس“ ۽  جڏهن اهو اوهان تي هڪ ڀيرو سلام موڪلي ته مان ان تي 10 ڀيرا سلام موڪليندس. (مشکاۃ،کتاب الصلاۃ ، باب الصلاۃ علی النبی وفضلہا،۱/۱۸۹،حدیث:۹۲۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪيتري قدر خوش نصيب آهي اهو ماڻهو جيڪو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاھ ۾ درودِ پاڪ پڙهي پاڻ کي الله عَزَّوَجَلَّ جي ڏھن (10) رحمتن جو حقدار بڻائيندو آهي اسان مان هر هڪ جي اها ئي تمنّا هوندي ته مونکي الله عَزَّوَجَلَّ جي خاص رحمت حاصل ٿئي. جڏهن هڪ ڀيرو درود پاڪ پڙهڻ واري کي اها فضيلت حاصل ٿيندي آهي ته ان تي الله تبارڪ و تعاليٰ جي سلامتي ۽ ڏھن (10) رحمتون نازل ٿينديون آهن ته ان مؤمن ٻانهي جي خوش