Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

مقروض تي نرمي ڪرڻ سان بخشش ٿي وئي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسلمان سان خير خواهي ڪرڻ، ان جي مصيبت ۽ پريشاني ۾ مدد ڪرڻ ۽ مقروض کان قرض وٺڻ ۾ نرمي کان ڪم وٺڻ ۽ وڌيڪ مهلت ڏيڻ به تمام سٺيون صفتون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪمن سان خوش ٿي الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي گنهگار ٻانهن کي بخشش ۽ مغفرت جو پروانو جاري ڪندو آهي جيئن ته

حضرتِ سَيِّدُنا ابُو ہُريرہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته رسولِ اَڪْرَم، شَہَنْشَاہِ بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: هڪ شخص ڪڏهن به ڪو نيڪ ڪم نه ڪيو هو، پر ها! اُهو ماڻهن کي قرض ڏيندو هو ۽ پنهنجن نوڪرن کي چوندو هو ته جڏهن مقروض (قرض وٺڻ وارو) خوشحال ٿي وڃي ته ان کان قرض وٺجو ۽ جيڪڏهن تنگدست هجي ته نه وٺجو (بلڪ درگذر ڪجو ۽ مزيد مهلت ڏجو). ”اي ڪاش! اسان جو ربّ عَزَّوَجلَّ اسان کان به درگذر فرمائي.“ بهرحال جڏهن اُهو شخص دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ته الله عَزَّوَجلَّ هن شخص کان پڇيو: ”ڇا تو ڪڏهن نيڪي به ڪئي؟“ هن شخص عرض ڪيو: نه، پر ها! آئون ماڻهن کي قرض ڏيندو هئس ۽ جڏهن پنهنجي خادم کي قرض جي وَصُولي جي لاءِ موڪليندو هئس ته ان کي چوندو هئس ته خوشحال کان ته وٺجو پر تنگدست کان نه وٺجو بلڪ درگذر ڪجو، ٿي سگھي ٿو ته (انهيءَ جي سبب) الله عَزَّوَجلَّ اسان سان به درگذر فرمائي.“ ته الله عَزَّوَجلَّ ارشاد فرمايو: (وڃ!) مون تو کي بخشي ڇڏيو.“

 (مسند امام احمد،مسند ابي ھريرہ، ۳/۲۸۵،حديث:۸۷۳۸)