Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

ª        جنت ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم موتين سان تيار ٿيل گنبد جهڙا خيما ڏٺا، جنهن جي مٽي مشڪ جي هئي جيڪي امتِ مصطفٰي جي امامن ۽ مؤذنن جي لاءِ آهن.

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۽ طفيل اهي سڀ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي جيڪي اسان کي جنت ۾ هميشه رهڻ وارن باغن ۾ پهچائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿين. ۽ ان سڀني ڪمن کان بچڻ جي به توفيق عطا فرمائي جيڪي اسان کي جهنم جي اونداهي کڏ ۾ وٺي وڃڻ جو سبب بڻجن.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڳالهه ٻولهه جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ ([1])

سينہ تری سنّت کا مدينہ بنے آقا

جنت ميں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 



[1]مشڪاۃ الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة،1/97،حديث:175