Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

گهرجي ته بشريت جي تقاضي سبب ڪو گناھ ٿي وڃي ته هڪدم نادم ٿي اُن جي بارگاھ ۾ سچي توبھ ڪري ڇڏين جو فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ اَلنَّدَمُ تَوْبَۃٌ يعني شرمندگي توبھ آهي. (المستدرک، حدیث ٧٦٨٧،ج٥، ص۳۴۶) ۽ هيءَ حقيقت آهي جو ڪڏهن ڪڏهن گناهن تي نِدامت اهو ڪم ڪري ويندي آهي جيڪو وڏي کان وڏي عبادت به ناهي ڪندي، توبھ ڪرڻ وارو گناهن مان مڪمل پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آهي جيئن ته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ”التَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّا ذَنْبَ لَہٗ “ يعني گناھ کان توبھ ڪرڻ وارو ايئن آهي جيئن ان گناھ ڪيو ئي ناهي. (ابنِ ماجہ، حدیث ٤٢٥٠، ج٤، ص ٤٩١) يقيناً الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تمام وسيع آهي جيڪڏهن ڪو شخص سچي توبھ ڪري ڇڏي ۽ نيڪين جي راھ تي هلڻ شروع ٿئي ته گناهن مان اهڙو پاڪ ٿي ويندو جيئن ان گناھ ڪيو ئي نه هو ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن خوش نصيبن جي لاءِ جنّت به انتظار ۾ رهندي آهي جيئن ته

جنت جو آواز

شَبِ مِعراج، صاحبِ معراج صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گذر هڪ اهڙي وادئ وٽان ٿيو، جتي ٿڌي، پاڪيزھ ۽ خوشبودار هوا هلي رهي هئي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن هڪ آواز به ٻڌو. فرمايائون: اي جبريل! هي ٿڌي، پاڪيزه ۽ خوشبودار هوا ڇا آهي؟ ۽ هي آواز ڇا جو آهي؟ عرض ڪيو ويو: هي جنّت جو آواز آهي جيڪا چئي رهي آهي: اي منهنجا ربّ عَزَّوَجلَّ مون ۾ رهڻ وارن ماڻهن کي مون ڏانهن موڪلي ڇڏ ۽ اُن جو جنهن جو تو مون سان وعدو ڪيو آهي، بيشڪ منهنجي اندر خوشگوار خوشبو، ريشم، ڪريب (ڪَ رَيۡ بَ) ۽ بخمل جا اعليٰ ڪپڙا