Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

بلند بالا محل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان شبِ معراج آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جنتي مشاهدن جو تذڪرو ٻڌي رهيا آهيون. مروي آهي ته معراج جي رات جنّت ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجھ بلند بالا محلّ ملاحظه فرمايا، جن جي باري ۾ پڇڻ تي حضرتِ جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جن عرض ڪيو ته هي غصو پيئڻ وارن ۽ ماڻهن سان درگذر ڪرڻ وارن جي لاءِ آهن ۽ الله عَزَّوَجلَّ احسان ڪرڻ وارن کي پسند فرمائيندو آهي. (مسند الفردوس، باب الراء، ٢/٢٥٥، الحديث:٣١٨٨)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! الله عَزَّوَجلَّ غصو پيئڻ واري کي جنت ۾ ڪهڙن ڪهڙن عاليشان محلن جي خوشخبري ٻڌائي آهي. غصو انساني فطرت ۾ شامل، هڪ غير اختياري صفت آهي ۽ اهوئي اڪثر فساد، ٻن ڀائرن ۾ جدائي، زال مڙس ۾ طلاق، پاڻ ۾ نفرت ۽ قتل و غارت گري جو سبب بڻجندو آهي. ڇو ته جڏهن ان جي سامهون ان جي مزاج جي خلاف ڪا ڳالهه ٿي يا ڪڏهن ڪو اهڙو معاملو پيش آيو جيڪو طبيعت کي نه وڻي ته اهڙن موقعن تي عام طور تي غصو اچي ويندو آهي پر اسان کي اهڙن موقعن تي صبر کان ڪم وٺندي غصي تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي ڇو ته غصي جي وقت عفو و درگذر کان ڪم وٺڻ ۽ غصي کي روڪڻ متقي (پرهيزگار) ماڻهن جي صفت آهي. تفسيرِ نعيمي ۾ متقي ماڻهن جي اها صفت بيان ڪئي وئي آهي ته اهي سخت غصي جي حالت ۾ آپي کان ٻاهر ناهن ٿيندا ۽ نفساني غصو پيءُ ڇڏيندا آهن ۽ قدرت جي باوجود غصو ناهن ڪندا ۽ پنهنجي ماتحتن جون خطائون ۽ ٻين جون ايذائون يا ڏوهارين جي ڏوهن کي بخشي ڇڏيندا آهن ۽ قدرت جي باوجود پنهنجي نفس جو بدلو ناهن