Share this link via
Personality Websites!
ناهي، اهو سڀني ڪريمن کان وڌيڪ ڪريم آهي.“ (شعب الايمان، ج 1، ص. 246، حديث 262، احياءُ العلوم الدين، ج. 4، ص. 184)
| لاج رکھ لے گنہگاروں کی |
| نام رحمٰن ہے ترا یارَبّ |
| عیب میرے نہ کھول محشر میں |
| نام ستار ہے ترا یارَبّ |
| بے سبب بخش دے نہ پوچھ عمل |
| نام غفار ہے ترا یارَبّ (ذوق نعت ،ص۵۹) |
صَــلُّـوا عَـلَـی الۡـحَبِيـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به رحمتِ الٰهي جي طفيل جنت جي انهن ابدي نعمتن کان لطف اندوز ٿيڻ چاهيون ته جن جو مشاهدو معراج جي رات پياري آقا محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته ان جي لاءِ اسان الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانبرداري ڪندي فرائض ۽ واجبات جي هر وقت ادائگي سان گڏوگڏ سنتن ۽ مستحبن جي عادت بڻائڻي پوندي. ان جو بهترين حل شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل مدني انعامات تي عمل ڪرڻ آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني انعامات گناهن جي مرض کان شفا ڏيارڻ ۽ نيڪ بنائڻ جو مدني نسخو آهي. امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا؛ مون کي مدني انعامات سان پيار آهي. جيڪڏهن اسان به الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي خاطر سچي دل سان مدني انعامات کي قبول ڪري ان تي عمل شروع ڪري ڇڏون ته جيئندي ئي تمام جلد اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون برڪتون ڏسي وٺنداسين. مدني انعامات تي عمل ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami