Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

نه ڪئي ۽ اُهي جن جي رنگت ۾ خرابي هئي. هي اُهي شخص هئا، جن چڱن عملن سان گڏوگڏ ڪجھ بُرا عمل به ڪيا هئا، پوءِ الله عَزَّوَجلَّ کان توبھ ڪئي، ته الله عَزَّوَجلَّ انهن جي توبھ قبول ڪئي ۽ (جن نهرن ۾ انهن غسل ڪيو ان مان) پهرين نهر، الله عَزَّوَجلَّ جي رحمت، ۽ ٻي الله عَزَّوَجلَّ جي نعمت جي نهر هئي ۽ ٽين اُها نهر جتي الله عَزَّوَجلَّ  انهن کي شرابِ طھور پياريو آهي.     (دلائل النبوۃ، باب الدليل علي ان النبي عرج بہ ، ۲/۴۰۱)

بچا جو تلوؤں کا ان کے دھووَن بنا وہ جنت کا رنگ و روغن

جنھوں نے دولھا کی پائی اُترن وہ پھول گلزارِ نور کے تھے

وہ بُرجِ بطحا کا ماہ پارا بِہشت کی سیر کو سدھارا

چمک پہ تھا خلد کا ستارہ کہ ان قمر کے قدم گئے تھے

(حدائقِ بخشش، ص ۲۳۷-۲۳۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سچي توبھ تمام وڏي نعمت آهي

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان ته اُهي ماڻهو جن جي رنگت سياھ (ڪاري) ٿي چُڪي هئي، رحمتِ الٰهي جي نهر ۾ غوطو (ٽُٻي) لڳائڻ جي سبب انهن جي ڪاراڻ ڌوپجي وئي، پوءِ نعمتِ الٰهي جي نهر ۾ غوطو هنيو ته انهن جو رنگ مزيد نِکرجي ويو ۽ جڏهن شَرَابِ طَهُور جي نهر مان پيتو ته انهن جا چهرا بلڪل صاف ٿي ويا. ياد رهي ته انهن کي گناهن جي ڪاراڻ کان نجات اِن سبب کان ملي جو انهن (دنيا ۾) ربّ عَزَّوَجلَّ جي بارگاھ ۾ توبھ ڪئي هئي ته الله عَزَّوَجلَّ انهن جي توبھ کي قبول فرمايو ۽ انهن جا چهرا روشن ڪري ڇڏيا. واقعي سچي توبھ