Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

گناہوں سے بھرپور نامہ ہے میرا         مجھے بخش دے کر کر کرم یا الٰہی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سُبْحٰنَ اللہ عَزَّ وَجَلَّ! اللھ عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تي قربان ٿيون ته جيڪو ٻانهو ان جي رحمت تي نظر رکي ۽ ان سان پنهنجو حسنِ ظن قائم ڪري ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت مان ان کي ڪڏهن به محرومي ناهي ٿيندي، حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ ارشاد آهي؛ الله عَزَّوَجَلَّ فرمائيندو آهي؛ اَنَاعِنْدَ ظَنِّ عَبْدِیْ بِیْ ؛ يعني منهنجو ٻانهو مون کان جهڙو گمان رکي مان ان سان اهڙو ئي آهيان. (بخاري ،ج۴، ص۵۴۱، حديث: ۷۴۰۵)

الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تي نظر رکڻ ۽ ان کان بخشش ۽ مغفرت جي اميد رکڻ بابت هڪ ٻي زبردست حڪايت ٻڌو ۽ رحمتِ الٰهي تي خوب جهومو.

ڪريم کان ڪرم جي اميد!

روايت آهي ته هڪ اعرابي بارگاهه رسالت ۾ عرض ڪيو؛ ”يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ مخلوق جو حساب ڪير وٺندو؟“ ارشاد فرمايائون؛ ”الله تبارڪ و تعالٰي“. ان عرض ڪيو؛ ”ڇا اهو پاڻ وٺندو؟“ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”ها“. ان اعرابي مسڪرايو. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مسڪرائڻ جو سبب پڇيو. عرض ڪيو؛ : اِنَّ الْکَرِیْمَ اِذَا قَدَرَ عَفَا وَاِذَا حَاسَبَ سَامَحَ ؛ ”ڪريم جڏهن ڪنهن تي قدرت رکندو آهي ته معاف ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن حساب وٺندو آهي ته درگذر ڪندو آهي.“ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو؛ ”اعرابي سچ چيو، ڄاڻي وٺو! الله عَزَّوَجَلَّ کان وڏو ڪريم ڪير