Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

شرعِي هجي، اُن جي لاءِ دُعا ڪري ۽صاحبِ مَزار جي رُوح کي الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پنهنجو وسيلو قَرار ڏئي، پوءِ اهڙي طرح سَلام ڪري واپَس اچي۔

(فتاوٰي رضويه: ۹/۵۲۲،از مزاراتِ اوليا کي حکايات، ص۶،۱۶)

نِياز تقسيم ڪرڻ جا اِحتِياط

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور تي ڏٺو ويندو آهي ته مَزاراتِ اَوۡلياء تي نِياز به تقسيم ڪيو ويندو آهي، هي به صاحبِ مَزار کي ايصالِ ثواب ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي۔ يقينًا الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا حاصِل ڪرڻ جي لاءِ نِياز وغيره تقسيم ڪرڻ جي وڏي فَضِيلت هي، جيئن ته اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فتاويٰ رَضَوِيه جلد 24 صفحي 521 تي لِکن ٿا: کاڌوکارائڻ، لنگر تقسيم به مَنۡدُوب (يعني سٺو عمل) ۽ باعِثِ اجر آهي، حديث ۾ آهي: رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: اِنَّ الله عَزَّوَجَلَّ یُبَاہِیْ مَلٰئِکَتَہٗ بِا لَّذِیْنَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ مِنْ عَبِیْدِہٖ۔ يعني الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي اُنهن ٻانهن سان گڏ (هوندو آهي) جيڪي ماڻهن کي کاڌو کارائيندا آهن، فِرِشتن تي مُباهات (يعني فَخۡر) فرمائيندو آهي۔

(الترغيب والترھيب ،ج۲،ص۳۸، الحديث۲۱،ازفتاوي رضويه، ج۲۴،ص۵۲۱)

پر لنگر (نياز) تقسيم ڪندي هن ڳالھ جو خَيال ضَرور رکو ته ڪنهن به طرح لنگر (نياز) جي بي حُرمَتي ۽ بي ادبي نه ٿئي، نه پَيرن ۾ اچي، نه مَزار شريف جو فَرش آلوده ٿئي، ڌِڪ ڌِڪان کان بچڻ جي لاءِ اسلامي ڀائرن کي ويهاري ڪري يا قَطار بڻائي ڪري لنگر (نياز) تقسيم ڪيو وڃي، اچڻ وارن زائرين جي حُقُوق جو خَيال رکيو وڃي جو لنگر (نياز) تقسيم ڪرڻ جي سبب انهن کي حاضِري ڏيڻ ۾ ڪنهن قِسۡم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ خاص طور تي مَزار شريف جي تعظيم جو مڪمل اِهتِمام ڪيو وڃي، ائين نه ٿئي جو هڪ طرف لنگر (نياز) تقسيم ڪري اجر ۽ ثَواب جا مُسۡتَحِق بڻجي ۽ ٻي طرف مَزار شريف جي بي اَدَبي جا مُرتَڪب