Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

اَولياءِ ڪرام حَيات آهن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! سَيِّدُنَا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو به هي عقيدو هو ته نه صرف مَزارات تي وڃڻ باعِثِ برڪت آهي بلڪه اُتي مُشڪلاتون به حَل ٿينديون آهن ۽ هي سڀ صاحِبِ مَزار ئي جو فَيضان هوندو آهي۔ مُمڪن آهي ته ڪنهن کي هي وَسۡوَسو اچي ته اَولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جو فَيض ڪيئن مِلي سگھي ٿو؟ ڇو جو اُهي ته وَفات ڪري چڪا آهن۔ ياد رکو! اَولِياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی ربِّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ جي عِنايتن سان مَزارات ۾ نه صرف حَيات هوندا آهن بلڪه زائِرِين (پنهنجي مَزارات جي زِيارَت ڪرڻ وارن) جي هدايت ۽ مدد به فرمائن ٿا۔

حضرت سَيِّدُنَا اِمام اسماعيل حَقّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: انبياء، اَولِياء ۽ شُهداء جا جسمَ قَبرن ۾ نه مُتَغَير ٿيندا آهن ۽ نه ئي بوسِيدا ٿيندا آهن، ڇو جو الله عَزَّوَجَلَّ اُنهن جي جِسمن کي اِن خَرابي کان جيڪا گوشت جي ڳَرڻ سَڙڻ کان پيدا ٿيندي آهي ،مَحۡفُوظ رکيو آهي۔ (تفسير روح البيان، ج۳، ص۴۳۹)

شَيخ عبدُالحق مُحدّثِ دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله عَزَّوَجَلَّ جي اَولياء هن دارِ فاني کان دارِ بَقا جي طرف لَڏي ويا آهن ۽ پنهنجي پَرۡوَرۡدۡگار جي آڏو زِندھ آهن اُنهن کي رِزۡق ڏنو ويندو آهي، اُهي خُوش حال آهن ۽ ماڻهن کي ان جو شُعُور ناهي۔ (اشعۃ اللمعات، کتاب الجہاد، باب حکم الاسراء ،۳/ ۴۲۳)

حَضرَتِ علّامه علي قاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اَوۡلِياءُ الله جون ٻئي حالتون (زِندَگي ۽ مَوت) ۾ اَصۡلاً (ڪو) فَرۡق ناهي،انهيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته اهي مرندا ناهن بلڪه هڪ گھر کان ٻي گھر ۾ تشريف وٺي ويندا آهن۔

(مرقاۃ شرح مشکوٰۃ باب الجمعۃ فصل الثالث، ۳/۴۵۹)(ازفتاوی رضویۃ، ج۹، ص۴۳۳)

کون کہتا ہے ولی سَب مَر گئے؟

قَیْد سے چُھوٹے وہ اپنے گھر گئے!