Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سنتن جي خدمت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جا 12 مَدَني ڪم مُسَلمانن کي راھِ سُنَّت تي هلائڻ ۽ عاشِقانِ رسول ۾ قرآن ۽ سُنّت جو پيغام پهچائڻ ۾ تمام گھڻا مُعاوِن آهن۔ ان 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم ”هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شِرڪت ڪرڻ“ به آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع جو آغاز بعد نمازِ مَغۡرِب سورهء مُلڪ جي تِلاوت سان ٿيندو آهي، فرمانِ مُصۡطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي: ان ذات جي قسم! جنهن جي قَبضهء قُدرت ۾ منهنجي جان آهي! ڪتابُ الله جي هڪ آيت ٻڌڻ پهاڙ (جَبَلِ صَبِير) جي مثل صَدَقو ڪرڻ جي اجر کان وڌيڪ عظيم آهي۔ (جمع الجوامع، حرف الواو، ۸ / ۸۲، حدیث:۲۴۶۱۵) غور ڪريو! جڏهن هڪ آيت بُڌڻ جو هي فائدو آهي ته مڪمل سُورت کي ٻڌڻ ڪيتري قَدَر اجر ۽ ثَواب جو باعِث ٿيندو۔ تِلاوَت کان پوءِ نَعۡت شريف پڙھي ويندي آهي۔ نَعۡت پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جي به ڇا ڳالھ ڪجي؟ سرڪار عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي نَعۡت پڙھڻ، حضرت حَسّان بن ثابت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سنّت ۽ نَعۡت ٻڌڻ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّتِ ڪريمه آهي، ان کان پوءِ سُنَّتن ڀري بَيان جي ترڪيب هوندي آهي، جنهن ۾ علمِ دين جا قيمتي موتي چونڊڻ لاءِ ملندا آهن ۔علمِ دين حاصِل ڪرڻ جي فضيلت جي باري ۾ فرمانِ مُصۡطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: سڀ کان افضل صَدَقو هي آهي ته مُسَلمان علم سکي، پوءِ پنهنجي اسلامي ڀائرن کي سيکاري۔ (سنن ابن ماجہ ، کتا ب السنہ ، با ب ثواب معلم الناس با لخیر، رقم ۲۴۳، ج ۱، ص ۱۵۸)، ذِڪر ۽ دُعا، صَلوٰة وسَلام، نمازِ عشاء، نماز کان پوءِ حلقه لڳندا آهن، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي سُنّتون ۽ آداب ٻڌايا ويندا آهن ۽ ڪا هڪ دُعا ياد ڪرائي ويندي آهي، فڪرِ