Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

وڌڻ واري مال جي نِصاب جو مالڪ) ٿي وڃي ته زڪوٰة جا مَسائِل، صاحِبِ اِستِطاعَت هجي ته مَسائلِ حَج، نِڪاح ڪرڻ چاهي ته ان جا ضَرُورِي مَسائِل، تاجر هجي ته خريد ۽ فَروخت جا مَسائِل، مُزارِع يعني آبادگار (۽ زميندار) تي ٻني ٻاري جا مسائل، مُلازِم بنجڻ ۽ مُلازِم رکڻ واري تي اجاري جا مَسائِل۔ وَعَلٰی ھٰذَاالْقِیاس (يعني ۽انهيءَ تي قِياس ڪندي) هرمُسلمان عاقِل ۽ بالِغ مرد ۽ عورت تي اُن جي مَوجُودَه حالَت جي مُطابِق مَسئَلا سکڻ فَرضِ عين آهي۔ انهيءَ طرح هر هڪ جي لاءِ حَلال ۽ حَرام جا مسئلا به سکڻ فَرۡض آهن ۔ گڏوگڏ مَسائلِ قَلب (باطِني مسائل) يعني فرائضِ قَلبِيه (باطني فَرائض) مَثَلاً عاجزي ۽ اِخلاص ۽ تَوڪل وغيره ۽ ان جو حاصِل ڪرڻ جو طريقو ۽ باطِني گُناھه مَثَلاً تڪبُّر، رِياڪاري، حَسَد وغيره ۽ ان جو عِلاج سکڻ هر مسلمان جي اَهم فَرضن مان آهي۔ (کفریہ کلمات کے بارے میں سُوال جواب ،ص ۳۴۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته دِين جو بُنيادِي عِلم نه سکڻ، آخرت جي تَباهي ۽ بَربادِي جو سَبَب بڻجي سگھي ٿو ڇو جو جڏهن نماز، روزو، حج، زڪوٰة، نِڪاح، تِجارت، مَزدُوري ۽ ٻين مُعامَلن جي باري ۾ دِيني مَعلُومات نه هوندي ته يقينًا انهن ڪمن ۾ شَرعي غَلَطيون به سرزد ٿي وينديون جنهن جي سبب آخرت ۾ پڪڙ ٿي سگھي ٿي۔ تنهنڪري زندگي جي اِن اَنمول گھڙين کي غَنِيمَت سمجھندي حُصُولِ علمِ دين جي ڪوشش ۾ مصروف رهندي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابَسته ٿي وڃو اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان پابندِ سُنّت بنجڻ، گُناهن کان بچڻ ۽ آخرت جي لاءِ ڪڙھڻ جو ذِهن بڻجندو۔

گو ذلیل وخوار ہوں پاپی ہوں میں بدکار ہوں

 

آپ کا ہوں آپ کا ہوں آپ کا داتا پیا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مرڪز الاولياء (لاهور) ۾ تشريف آوري

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان مَنع ڪرڻ اهو