Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

عَلَيْه جو ڪجھ عَرصي تائين سندن جي مَزارِ فائِضُ الاَنۡوار تي مُعۡتَڪف رهيا ۽ حَضرَتِ داتا گَنۡج بَخۡش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي فُيوضِ باطِني سان مالامال ٿي ڪري جڏهن اَلوَداعي فاتِحه جي لاءِ حاضِر ٿيا ته زَبانِ مُبارَڪ تي بي ساخته هي شِعر اچي ويو:

گَنْج بَخْشِ فَیْضِ عالَم، مَظْہَرِ نُورِ خُدا

ناقِصاں را پِیْرِ کامِل، کامِلاں را رَہْنُما

حَضرَتِ سَيِّدُنَا سُلطانُ الهنۡد خواجه غَريب نَواز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زَبانِ مُبارَڪ کان جاري ٿيڻ وارو لَقَب ”گَنۡج بَخۡش“ اڄ پُوري بَرِصَغير ۾ گُونجي رهيو آهي۔

ايستائين جو ڪجھ ماڻهو ته داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اِسمِ مُبارَڪ کان به ناواقِف هوندا آهن ۽ فقط ”داتا گَنۡج بَخۡش“ جي لَقَب سان ئي ياد ڪندا آهن۔

غم مجھے میٹھے مدینے کا عطا کر دوشہا میرا سینہ بھی مدینہ دو بنا داتا پیا

(محفلِ اوليا،ص۳۸۸، ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور داتا گَنۡج بَخۡش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِلادَتِ با سَعادَت ڪم و بيش 400 ھ ۾ غَزني شهر ۾ ٿي۔ ڪجھ عَرصي کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو خاندان مَحَله هجوير مُنتَقِل ٿي ويو، انهيءَ نِسبَت جي ڪري داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هجۡويري سڏيا وڃن ٿا۔ (اردودائرۃ المعارف ،ج ۹،ص۹۱ ملخصاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

راه خُدا ۾ سفر

داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي زماني جي ڪيترن ئي عَظِيمُ الۡمَرۡتَبَت (يعني بُلند رُتبي وارن) ائمهء طَرِيقَت ۽ شَرِيعَت کان عِلم ۽ مَعرِفَت جي جام پيتا، عُمر جو هڪ وڏو حِصّو سَفَر ۾ گُذاريو، جنهن جو مَقصَد الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن سان مِلڻ، اُن جي فَيضان کان فَيض ياب ٿيڻ، پنهنجي نَفس کي مَشَقَّتن ۽ تڪليفن