Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

ڪرڻ گھرجي ته جيڪڏهن ڪا مصيبت اچي، ڪنهن اسان جو دل ڏکايو هجي يا بَدسُلوڪي سان پيش آيو هجي ”سِر جو جَواب پَٿر سان ڏيڻ“ جي بجائي صَبۡرسان ڪم وٺنداسين۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ

تَاجِدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ اِرشاد فرمائي ٿو: جڏهن آئون پنهنجي ڪنهن ٻانهي جي بَدَن يا ان جي مال يا ان جي اَولاد جي طَرَف ڪا سَختي موڪليان، پوءِ اهو صَبرِ جَمِيل سان اُن جو اِسۡتِقبال ڪري، ته قِيامت جي ڏينهن مون کي ان کان حَيا ايندو، ته آئون اُن جي لاءِ مِيزان قائِم ڪريان يا اُن جو نامهء اَعمال کوليان۔ (کنز العمال، کتاب الاخلاق، قسم اول، ۲/۱۱۵، حدیث: ۶۵۵۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ٻُڌو ته ! دُنيا ۾ بَظاهر تڪليف ده مَحسُوس ٿيڻ وارا صَبر جا ڪجھ ڍُڪ آخِرت ۾ ڪهڙي راحت ۽ آرام جو سَبَب ٿيندا۔ حَضرَتِ سَيِّدُنَا داتا گَنۡج بَخۡش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن خود سان پيش اچڻ واري بَد سُلوڪي تي صَبر جو اعليٰ مُظاهرو ڪيو، ته الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهو عَظِيم مَقامِ وِلايت عَطا فرمايو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي هِن دُنيا کان پَردَو ڪندي هزارين (1000) سالن کان زائد عَرصو گذري چُڪو آهي، پراڄ به لَکَين مُسَلمانن جي دِلين ۾ اوهان جي مَحَبَّت ۽ عَظَمَت قائِم ۽ دائِم آهي، ماڻهن جا وڏي تعداد اوهان جي مَزارِ پُر اَنوار تي حاضِري جي سَعادَت ماڻيندا آهن ۽ پنهنجون خالي جھوليون مُرادن سان ڀريندا آهن۔

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو تَعارُف

داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو ”عَلي“ والِد جو نالو ”عُثمان“ آهي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو سِلسِلهء نَسَب ڇھ (6) واسِطن سان سَيدُ الشُّهدا، راڪبِ دوشِ مُصطَفٰي، حَضرَتِ سَيِّدُنَا امامِ حَسَنِ مُجتَبيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان وڃي ملي ٿو۔ (بزرگانِ لاهور،ص۲۲۲) سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪنيت ”اَبُوالۡحَسَن“ آهي۔ (اردو دائرۃ المعارف، ۹/۹۱) جڏهن ته مَشهور ۽ مَعرُوف لَقَب ”گَنۡج بَخۡش“ آهي۔ اِن لَقَب جي سَبَبِ تَسمِيه (نالي رکڻ جو سبب) ڪجھ هن طرح آهي ته حضرت خواجهء خواجگان، سَيِّدُنَا مُعِينُ الدّين چِشتي اجميري سَنۡجَري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی