Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة([1]) يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ هڪ اهڙي عظيم هستي جي سِيرتِ مبارڪه جي مُتعلِّق بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، جن جو فيضان ڪيتريون ئي صَديون گذري وڃڻ جي باوجود به جاري ۽ ساري آهي، جن جي مزارِ پُرانوار تي هر وقت ماڻهن جو هجوم رهندو آهي، ماڻهو حاضر ٿي ڪري پنهنجي گھُريل جائز مرادون حاصل ڪندا آهن۔ اها اَهم شَخصيت ڪير آهي؟ ان جو نالو ۽ نَسب، ڪُنيت ۽ لَقب ڇا هو؟ اڄ جي بيان ۾ هي سڀ ٻُڌنداسين، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ، ان سان گڏوگڏ ان شخصيت جو حُصولِ علم جي لاءِ سفر ڪرڻ ۽ ان جي پاڪيزه عادتن ۽ خوبين مثلاً صبر ۽ شُڪر جي مدني سوچ، علمِ دِين جي حصول جو شوق جي مُتعلِّق ڪجھ مدني گُل ۽ بيان جي آخر۾ويهڻ جي سُنَّتون۽آداب به بيان ڪيا ويندا۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ

صابر ۽ شاڪر نَوجوان

شام جو وَقت هو، رات جي اونڌاھ آهستي آهستي هر شَيء کي پنهنجي گھيري ۾ وٺي رهي هئي، خُراسان ۾ هڪ بي ساز سامان مُسافِر



(بخاري، ڪتاب احاديث الانبياء، باب ما ذڪر عن بني اسرائيل ج2، ص 462 حديث 3461)[1]