Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

مُسلمانن ۾ اوهان جو فيضان جاري ۽ ساري آهي۔ داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو اَصۡل وطن اَفۡغانِستان جو شهر غزني آهي، پر ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجو وطن ڇڏي ڪري هڪ اَنۡجان شهر ۾ اِقامَت اِخۡتِيار فرمائي ، ان مان اسان کي به هي درس ملي ٿو ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ هر مهيني ڪم اَزۡ ڪم ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ ضرور سفر ڪرڻ گھرجي ۽ ان راھ ۾ اچڻ وارين مُشڪلات کي خوش دليءَ سان برداشت ڪندي خوب خوب سُنَّتن جي خِدۡمت جي لاءِ تيار رهڻ گھرجي۔ هر شُعۡبي سان مُنۡسلڪ ماڻهن تي اَحۡسن اَنۡداز ۾ اِنۡفرادي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۔

مجلس اِصلاح برائي رانديگر!

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! تبليغِ قرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي مُختلف شعبه جات ۾ خِدۡمتِ دين جو ڪم سراَنۡجام ڏئي رهي آهي، اُتي رانديگرن جي اِصۡلاح ۽ تَربِيت جي لاءِ به هڪ شعبو بنام ”مجلس اِصلاح براءِ رانديگر“ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو بُنيادي مَقۡصد راندين سان مُنۡسلڪ ماڻهن ۾ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي ان مَدَني مقصدمون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ“ جي مطابق زندگي گذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻ آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! ڪيترن ئي رانديگرن ۽ سندن گھر وارن کي مدني مقصدمون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ جو ذهن ڏيڻ جي ڪوشش جاري آهي ۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو