Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

جوعادي بڻائي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا ۽ خُوشۡنُودي حاصل ڪرڻ آهي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن ڪرمان، سِيستان، تُرڪسۡتان، ماوَراءَالنَّهۡر، خُوۡزِسۡتان، طَبۡرِسۡتان، آذربائيجان، فارس، عِراق، شام، فَلَسۡطِين ۽ حِجازِ مُقدَّس سَميت ڪيترن ئي مُلڪن جو سَفَر ڪيو۔ (اردو دائرۃ المعارف،۹/۹۴) داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جَواني جي عمر ۾ ئي عُلومِ ظاهري جي تَڪمِيل ڪري چڪا هئا، سندن جي عِلمي مَقام جو اندازو اِنهي واقعي مان لڳائي سگھجي ٿوته هڪ ڀيري سُلطان محمود غَزنَوي جي مَوجُودگي ۾ حَضرَتِ داتا عَلي هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هڪ غَير مُسلِم فَلسَفي سان مُڪالَمو ٿيو ته داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي عِلمي قابِلِيت سان زَبَردَست جوابن جي ذَرِيعي اُن کي خاموش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اُن وَقت توهان جي عُمر وڌيڪ نه هئي، ڇو جو اِن مُڪالَمي کي سُلطان محمود غَزنَوي جي زِندگي جي آخِري سال ۾ به فَرض ڪيو وڃي ته اُن وَقت توهان جي عُمرِ مُبارَڪ تقريبًا 20 سال ٿئي ٿي۔

(پیش لفظ ازکشف المحجوب،ص ۱۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

میٹھے میٹھے مصطَفٰے کی بارگاہِ پاک میں

 

کیجئے میری سِفارش آپ یا داتا پیا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

علمِ دِين جي حُصُول جو شوق

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته داتا گَنۡج بَخۡش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي علمِ دين حاصِل ڪرڻ جو ڪيتري قَدَر شوق هو؟ علمِ دين جي حُصُول جي خاطِر داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن عِراق، شام، ۽ حِجازِ مُقدَّس سَميت ڏھ (10) کان وڌيڪ ملڪن جو سَفَر ڪيو ۽ ان ڪنڊن ڀري واٽ ۾ ڪيترن ئي ناخُوشگَوار واقِعن سان به همڪنار ٿيا، پر صَبر ۽ رِضا جا پَيڪر ۽ رَبّ تَعَاليٰ جي شُڪرگُذار رهيا ۔ هاڻي ٿورو غَور ڪريو ته هڪ طرف ته اسان جي بُزرگن جو هي حال هو جو عِلمِ دِين