Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

عظيم ڪم آهي، جنهن جي تڪميل جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ وقتًا فوقتًا پنهنجي اَنبِيَاءِ عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي هن دُنيا ۾ مَبعُوث فرمايو۔ ايستائين جو تَاجِدارِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به انهيءَ مَقصَد جي لاءِ هن دُنيا ۾ تَشرِيف فرما ٿيا۔ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ اُمَّت کي نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ ۽ ان جي تربِيت جو اِهو ڪم بارگاھِ نَبُوَّت جي براھِ راست تَربِيت يافته صَحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جن سنڀالي ورتو۔ صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان کان پوءِ به هر دؤر ۾ بُزرگانِ دين اسلامي تعليمات جي نُور سان ماڻهن جي دِلين کي مُنوَّر ڪيو۔ حَضرَتِ سَيِّدُنَا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن به انهيءَ مَقصَد کي پنهنجو شِعار بَڻايو ۽ نيڪي جي دعوت جي هن اَهم فَرِيضي کي نِڀائڻ جي لاءِ مرڪزالاولياء (لاهور) پهچي ويا۔ داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن (مرڪزالاولياء) لاهور ۾ عِلم ۽ حِڪمَت جي اهڙا دَريا وهايا جو اهو شهر جيڪو پهريان ڪُفر ۽ شِرڪ جي اونڌاھ سان ڍڪيل هو، حُضُور سَيِّدُنَا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪوشِشن سان قَلعهء اِسلام بڻجي ويو، داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حُسنِ اَخلاق، حُسنِ ڪردار ۽ نَرم گُفتار سان ڪيترن ئي دلين ۾ اوهان جي مَحَبَّت راسخ ٿي وئي۔ مرڪزالاولياء (لاهور) ۾ داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قيام جي مُدَّت تقريبًا ٽيھ (30) سال هئي۔ (اللّٰه کے خاص بندے، ص۴۶۸) هن پُوري عَرصي ۾ داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏينهن رات دِين جي تَبليغ ۾ مَشغُول رهيا، توهان جي بي داغ سِيرت، دِلڪش گُفتُگو، پُرنُور شَخصِيت ۽ دِلين ۾ لهڻ وارا ارشاداتِ عالِيه ماڻهن کي ڪُفر ۽ ضَلالَت (گمراهي) جي دَلدَل کان ڪڍي ڪري هدايت جي راھ تي گامزَن ڪندا رهيا۔ مرڪزالاولياء (لاهور) ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پنهنجي قِيام گاه جي ويجھي هڪ جڳھ مَسجِد جي تَعمِير جو سنگِ بنياد رکيو ۽ ان مسجد جي تعمير جي وَقت داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن خود مزدورن جيان ڪم ڪيو ۽ وڏي مَحَبَّت ۽ جَذبي سان ان جي تعمير ۾ اڳتي اڳتي رهيا، مرڪزالاولياء (لاهور) شهر ۾ اها پهرين مسجد هئي جيڪا هڪ وَلي الله جي هٿان تعمير ٿي۔ (اللّٰه کےخاص بندے، ص۴۶۹) حَضرَتِ سَيِّدُنَا داتا گَنۡج بَخۡش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن پوري زندگي خُوب مَحَبَّت ۽ لگن سان خدمتِ دين جو ڪم سرانجام ڏنو، ڏُکايل اِنسانِيت کي اَمن ۽