Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

حاضري مزارات، برڪت جو سبب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انهن جَلِيلُ الۡقَدۡر آئمهء ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي تَصۡريحات (وضاحتن) مان اهو مَعلُوم ٿيو ته اَنبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام، شُهداءِ عُظام ۽ اَولِياءِ ربّ سلام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی سڀ پنهنجي پنهنجي مَزارات ۾ زِندھ هوندا آهن ۽ تَصرُّف به فرمائن ٿا۔ انهيءَ لاءِ صرف عوام ئي نه بلڪه وڏن وڏن عُلَماء ۽ فُضَلاء جو هي مَعمُول رهيو آهي ته اُهي پنهنجي مُشڪلِاتن جي حَل جي لاءِ اَولِياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي مَزارات تي حاضِري ڏيندا هئا۔ اچو ته اِنهيءَ باري ۾ بُزرگانِ دِين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جا ٽي (3) فرمان ٻُڌون ٿا۔

جيئن ته

1.       مشهور حَنۡبَلي مُحدّث حضرت امام خَلَّال ابوبڪر احمد بن محمد بَغۡدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪو مُعامَلو (پريشاني) دَرپيش ايندي آهي، آئون اِمام مُوسيٰ ڪاظِم بن جَعۡفَر صادِق رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي مَزار تي حاضِر ٿي ڪري سندن جو وسيلو پيش ڪندو آهيان۔ الله عَزَّوَجَلَّ منهنجي مُشۡڪل کي آسان ڪري مون کي منهنجي مُراد عَطا فرمائي ڇڏيندو آهي۔

(تاريخ بغداد، ج ۱ ص ۱۳۳)

2.        ڪروڙن شافِعِين جا پيشوا حَضرَتِ سيدُنا امام محمد بن اِدريس شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا : مون کي جڏهن ڪا حاجت پيش ايندي آهي ته آئون ٻه (2) رَڪعَت نَماز ادا ڪري امامِ اَعظم ابُو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مَزارِ پُر اَنۡوار تي وڃي ڪري دُعا گھُرندو آهيان، الله عَزَّوَجَلَّ منهنجي حاجت پوري ڪري ڇڏيندو آهي۔ (الخيرات الحِسان ص ۹۴)

حضرت سيدُنا يحييٰ بن سليمان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مون کي هڪ حاجت ٿي ۽ آئون ڪافي تَنگدَسۡت به هئس۔ مون حَضرَتِ مَعرُوف ڪرخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قَبۡرِ اَنور تي حاضِري ڏني، ٽي (3) ڀيرا سورهء اِخلاص جي تِلاوت ڪئي ۽ ان جو ثَواب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ تمام مُسَلمانن جي