Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

مدينه جو مدني حلقو هوندو آهي، پوءِ آرام جو وقفو، خوش نصيب عاشقانِ رسول رات اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ نمازِ تهجد جي برڪتون لُوٽيندا آهن، اذانِ فجر کان پوءِ صداءِ مدينه، نمازِ فجر باجماعت، نماز کان پوءِ مدني حلقي ۾ شرڪت ۽ پوءِ مدني انعام تي عمل ڪندي اِشراق و چاشت جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ صلوٰة و سلام تي اجتماع جو اِختِتام ٿي ويندو آهي۔ اجتماع جي اختتام تي ڪيترائي عاشقانِ رسول سُنّتن جي تربيت جي مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته؟ هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ شِرڪت اسان جي لاءِ ڪيتري قَدَر باعِثِ اجر و ثَواب آهي ۔ تنهنڪري توهان کي مَدَني التجا آهي، سُستي کان پاسو ڪندي ۽ هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ اَوّل تا آخِر شِرڪت کي پنهنجو معمول بڻايو! ۽ بيشمار اجر ۽ ثَواب جا حَق دار بڻجو۔ هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع جي برڪت جو اندازو ان مَدَني بهار سان لڳايو!

مَدَني بهار

مَرڪَزُالاَولِياءَ (لاهور) جي علائقي، ملتان روڊ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه اهڙي قسم جو بيان آهي ته مان ڇڙواڳ ۽ تيز طَبِيعَت جو هوندو هئس، پنهنجي مَستي ۾ مَست، دنيا جي محبت ۾ مَگَن، گناهن ۽ غَفلتُن ۾گم هئس ـ ٽِفن وڄائي ٻارن جا گيت ڳائڻ ۽ قَوالن جـون نَقلون ڪرڻ جــي معاملي ۾ سڄي خاندان ۾ مشهور هئس. شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ مزاحِيه، ٽَوٽَڪا ۽ فِلمِي غَزلُون ۽ گانا ڳائڻ، بي ڊولي انداز ۾ نچڻ ، قِسم قِسم جا نَخرا ڪري ماڻهن کي کلائڻ منهنجو پسنديده شُغل هوـ اسڪول جو زمانو هو، هڪ عِمامي وارو اسلامي ڀاءُ وڏي ڀاءُ سان گهڻو ملڻ ايندو هو ـ هڪ ڏينهن ڀاءُ منهنجو تعارُف ڪرايو ته ان مونکي تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀريي اجتماع جي دعوت پيش ڪئي، مان انهن جي دعوت تي خميس جي ڏينهن سُنّتن ڀريي اِجتماع