Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

سُڪون جو پَيغام ڏنو ۽ پنهنجي مُرِيدن ۽ مُحِبِّين جي دِيني ۽ دُنياوي حاجتن کي پُورو فرمايو۔ اڄ به داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مَزارِ فائضُ الاَنوار مان پنهنجي عقيدت مندن جي حاجت رَوائي فرمائيندا آهن، انهن جون پريشانيون حَل فرمائيندا آهن ۽ پنهنجي رُوحاني فيضان سان جنهن کي چاهيندا آهن مالامال ڪندا آهن۔

میں ہوں عصیاں کا مریض اور تم طبیبِ عاصِیاں

 

ہو عطا مجھ کو گناہوں کی دوا داتا پیا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

داتا صاحب ۽ حاضري مزارات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَوۡلِياءُالله جي مَزارات تي حاضِري جي بَرڪت سان دُعائون قَبول ٿينديون آهن، مُشڪلِاتن ۽ مُصيبتن کان نَجات ملندي آهي، خاص اِن نَظَريي سان اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي مَزارات تي وڃڻ به اسان جي بُزرگن جو طريقو رهيو آهي۔ جيئن ته

حَضرَتِ سَيِّدُنَا داتا گَنۡج بَخۡش علي هجۡويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو به هي مَعمُول هو ته

اُهي بُزرگانِ دِين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي مَزارات تي حاضِري ڏيندا آهن، مَزارات تي حاضِري

جي مُتَعلِّق پنهنجا ڪيترائي واقِعا اُنهن پنهنجي مَشهور ۽ مَعرُوف ڪتاب ”ڪَشۡفُ الۡمَحۡجُوب“ ۾ دَرۡج ڪيا آهن۔ اچو ته اُن مان ڪجھ سماعت ڪريون ٿا: جيئن ته

حَضرَتِ سَيِّدُنَا داتا گَنۡج بَخۡش علي هجْويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”آئون هڪ ڏينهن سفر ڪندي ملڪ شام ۾ مؤذنِ رسول، حضرت سَيِّدُنَا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مزار شريف تي حاضر ٿيس، اُتي منهنجي اَک لڳي وئي ۽ مون پاڻ کي مَڪهء مُعظَّمه (زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا) ۾ ڏٺم۔ ڇا ٿو ڏسان ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبيله بني شيبه جي دروازي تي موجود آهن ۽ هڪ وڏي عُمر واري شخص کي ڪنهن ننڍي ٻار وانگر کَڻي ويٺا آهن، مون مَحَبَّت وچان بي قرار