Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

ٿي وڃي۔ کاڌي جي نِياز سان گڏوگڏ مَڪتبةُ الۡمَدِينه جي مَطبُوعه ڪتابون ۽ رسالا تقسيم ڪري به بي شُمار ثَوابِ جارِيه، صاحِبِ مَزار جي خدمت ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو۔ (مزاراتِ اوليا کي حڪايات، ص۱۷)

ڪاڌو ڪِري پوي ته؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! نه صرف مَزار شريف ۾ لنگر (نياز) تقسيم ڪندي بلڪه هر جڳھ کاڌو کائيندي ۽ کارائيندي اِحتِياط ڪرڻ گھرجي ته ڪٿي کاڌي جا ذرا وغيره ضائع نه ٿين۔ جيڪڏهن ڪٿي ڪو لُقۡمو (گِراھ) ڪِري پوي ۽ تنفيرِ عوام(ماڻهن جي نفرت) جو انديشو به نه هجي ته ماڻهن جي پرواھ نه ڪندي کڻي ڪري کائڻ گھرجي، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ان جون برڪتون نصيب ٿينديون۔

اُمُّ الۡمُؤمِنين سَيِّدتنا عَائِشه صِدِّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون،” ٻنهي جهانن جا سلطان، شهنشاههِ ڪون و مڪان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گهر مبارڪ ۾ تشريف کڻي آيا، مانيءَ جو ٽڪر ڪِريل ڏٺائون ته ان کي کڻي ڪري اگهيائون پوءِ کاڌائون ۽ فرمائڻ لڳا، ”عائشه! (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا) سٺي شيء جو احترام ڪريو، جو اها شيء(يعني ماني) جڏهن ڪنهن قوم کان ڀڄي آهي ته موٽي ناهي آئي“.۔ (ابنِ ماجہ،کتاب الاطعمۃ،باب النھی عن القاء الطعام، ۴/۵۰، حدیث:۳۳۵۳)

کاڌو ضايع نه ڪريو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه هر ڪو بي برڪتي ۽ تنگدستيءَ جي شڪايت ڪري رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو جو مانيءَ جو احترام نه ڪرڻ جــي اها سزا هجي. اڄ شايد ئي ڪو مسلمان اهڙو هجي، جيڪو ماني ضايع نه ڪندو هجي، هر طرف کاڌي جي بي حرمتي جا دل ساڙيندڙ نظارا آهن، شادي جون تقريبات هجن يـا بـزرگانِ ديـن رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي نياز جا تبرڪات.