Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

حاصل ڪرڻ جا ذَريعا اِنتهائي مشڪل هئڻ جي باوُجُود هي مُبارَڪ هستيون محنت ۽ لگن سان علمِ دين حاصِل ڪنديون رهيون ۽ ماڻهن ۾ نيڪي جي دَعوَت عام ڪنديون رهيون،ان جي برعَڪس اسان جو معاملو هي آهي ته اڄ هن تَرَقّي يافته دؤر ۾ جڏهن ته عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ اِنتِهائي آسان ٿي چڪو آهي، تمام تر سَهولَتن ۽ آسائشن جي باوُجُود به اسان علمِ دين کان پَري آهيون ايستائين جو فَرض عُلُوم سکڻ جي به فُرصَت ناهي۔ اسان خُود کي ۽ پنهنجي اَولاد کي دُنيوي فائدا ڏيارڻ جي لاءِ عُلُوم ۽ فُنُون ته سِيکاريندا آهيون جو اَعليٰ ڊگريون حاصِل ڪري اسان جو نالو رَوشَن ڪرڻ سان گڏوگڏ اولاد جو عارضي مُستقبل به روشن ٿئي، پر اَفسوس ! اسان کي پنهنجي آخِرت سَنوارڻ جي بلڪل فِڪر ناهي۔ يادرکو! علمِ دين سکڻ هر مُسَلمان مَرد ۽ عَورت تي فَرض آهي۔

ڪيترو عِلم سکڻ فَرض آهي؟

حَديثِ پاڪ ۾ آهي: طَلَبُ العِلْمِ فَرِیْضَۃٌ عَلٰی کُلِّ مُسْلِمٍ ۔ يعني عِلم جو طَلَب (حاصل) ڪرڻ هر مُسَلمان مَرد (اهڙي طرح عَورت) تي (به) فَرۡض آهي۔

(ابن ماجہ، کتاب السنۃ، باب فضل العلماء والحث الخ،۱/۱۴۶، حدیث۲۲۴)

شيخِ طريقت، اَمِيرِاهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي، حضرت علّامه مَوۡلانا ابُوبلال محمدالياس عطّار قادِري رَضَوي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: اِن حديثِ پاڪ جي تَحت منهنجي آٓقا اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت، مَوۡلانا شاھ اِمام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جيڪو ڪجھ فرمايو ،اُن جو آسان لفظن ۾ مُختَصَراً خُلاصو عَرۡض ڪرڻ جي ڪوشِش ڪريان ٿو۔ سڀ کان پهريان ۽ اَهم تَرِين فَرۡض هي آهي ته بُنيادي عَقائِد جو عِلم حاصِل ڪري، جنهن سان انسان صَحِيحُ العَقِيدَه سُنّي بڻجندو آهي ۽ جن جي اِنڪار ۽ مُخالَفَت سان ڪافِر يا گُمراھ ٿي ويندو آهي۔ اِن کان بعد نَماز جا مسئلا يعني اِن جي فَرائِض ۽ شَرائِط ۽ مُفسِدات (نماز ٽورڻ واريون شيون) سکي ته جيئن نَماز صحيح طور تي ادا ڪري سگھي۔ پوءِ جَڏهن رَمَضانُ المُبارَڪ جي تَشرِيف آوَري هجي ته روزن جا مَسائِل، مالِڪ نِصابِ نامي (يعني حقيقةً يا حڪمًا