Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

افسوس صد ڪروڙ افسوس! دسترخوانن ۽ گِلمن تي بيدردي سان کاڌو ڪيرايو ويندو آهي، کاڌي جي دوران هڏين سان گڏ ٻوٽي ۽ مصالحو بلڪل صاف ناهي ڪيو ويندو. گرم مصالحي سان گڏ به کاڌي جا بيشمار جزا ضايع ڪيا ويندا آهن، ٿالهن ۾ بچيل ٿورو کاڌو ۽ پيالن، ديڳڙين ۾بچيل رس ٻيهر استعمال ڪرڻ جو اڪثر ماڻهن جو ذهن ناهي، اهڙي طرح تمام گهڻو بچيل کاڌوعام طور تي ڪچري جي ڍير جي حوالي ڪيو ويندو آهي، هاڻي تائين جيترو به اسراف ڪيو آهي ، براءِ مهرباني ان کان توبهه ڪريو. آئنده کاڌي جو هڪ به داڻو ۽ رس جي هڪ به قطري جواسراف نه ٿئي ان جو به عهد ڪريو، واللهِ الْعَظيم! (يعني عظمت واري رب جو قسم) قيامت ۾ ذري ذري جو حساب ٿيڻو آهي، يقينًا ڪو به قيامت جي حساب جي طاقت نه ٿو رکي، توبهه سچي توبهه ڪري ڇڏيو. دُرودِ پاڪ پڙهي ڪري عرض ڪيو، يا الله عَزَّوَجَلَّ اڄ تائين مون جيترو به اسراف ڪيو آهي ان کان ۽ تمام صغيره ۽ ڪبيره گناهن کان توبهه ڪريان ٿو ۽ تنهنجي عطا ڪيل توفيق سان آئنده گناهن کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، يا ربِّ مُصطفيٰ عَزَّوَجَلَّ منهنجي توبهه قبول فرماء ۽ مونکي بي حساب بخشي ڇڏ۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (فيضانِ سنت،ص۲۵۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان حَضرَتِ سَيِّدُنَا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سِيرت ۽ ڪردار جي مُتَعلِّق بيان ٻُڌو۔ داتا صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنجين صدي هجري جا اُهي عظيم الشان بُزرگ آهن جن جي وِصال کي هزار (1000) سال کان وڌيڪ عرصو گُذري چڪو آهي، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علمي ۽ رُوحاني چمڪ دَمڪ ۾ اڄ به ڪا ڪمي واقع ناهي ٿي۔ لَکَين