Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

حاضِري جي ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن؟ وغيره وغيره هي سڀ ڄاڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتِي اداري مَڪتبةُ الۡمَدِينه جي مطبوعه 48 صفحن تي مُشتَمِل رسالي ”مَزاراتِ اولياء کی حکايتيںهديةً حاصِل فرمائي ڪري اِن جو مُطالعوفرمايو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ معلومات ۾ڪافي اضافو ٿيندو۔ اچو ته انهيءَ رسالي مان مَزارات تي حاضِري جو طريقو ۽ ان جا مَدَني گُل ٻُڌون ٿا۔

(جيڪڏهن ڪو شَخۡص ولي اللّٰه جي مَزار شريف يا) ڪنهن به مُسَلمان جي قَبۡر جي زِيارَت لاءِ وڃي ته مُستَحَب هي آهي ته پهريان پنهنجي مَڪان تي (غَير مڪروھ وَقۡت ۾) ٻه (2) رَڪعَت نَفۡل پڙھي، هر رَڪعَت ۾ سُوْرَۃُالْفَاتِحَہ کان پوءِ هڪ (1) ڀيرو اٰیَۃُ الْکُرْسِی ۽ ٽي (3) ڀيرا سُوْرَۃُ الْاِخْلَاص پڙھي ۽ اُن نَماز جو ثَواب صاحبِ قَبۡر کي پهچائي، الله عَزَّوَجَلَّ اُن فَوت شُده ٻانهي جي قَبۡر ۾ نُور پيدا ڪندو۽ اِن (ثَواب پهچائڻ واري) شَخۡص کي تمام گھڻو ثَواب عَطا فرمائيندو۔ (فتاوٰي عالمگيري ج۵ص۳۵۰) پوءِ سُٺيون سُٺيون نيّتون ڪرڻ کان پوءِ مَزارات جي طرف روانو ٿئي ۽ (زائر يعني زِيارت ڪرڻ واري کي گھرجي ته اَولِياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي) مَزاراتِ طيبات تي حاضِر هئڻ ۾ پيراندي (يعني پَيرن) جي طرف کان وڃي ۽گهٽ ۾گهٽ چار (4) هٿ جي فاصِلي تي مُواجھ (يعني چِهري جي سامهون) بيهي ۽ مُتَوَسِّط (يعني درمِياني) آواز ۾ (هن طرح) سَلام عَرۡض ڪري: اَلسّلَامُ عَلَیْکَ یَاسَیِّدِیْ وَرَحمَۃُ اللّٰہِ وَبَرَکَاتُہٗ ، پوءِ”دُرُودِ غَوْثيه“ ٽي (3) ڀيرا، اَلۡحَمۡد شريف هڪ (1) ڀيرو، اٰیَۃُ الْکُرْسِی هڪ(1) ڀيرو، سُوْرَۃُ الْاِخْلَاص ست (7) ڀيرا، پوءِ ” دُرُودِ غَوْثيه“ ست (7) ڀيرا ، ۽ وَقۡت اجازت ڏئي ته سُوْرَۂ یٰسٓ۽ سورۂ مُلک به پڙھي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ کان دُعا ڪري ته الٰهي! هن قِراءَ ت تي مون کي اِيترو ثَواب ڏي جيڪو تنهنجي ڪرم جي قابِل آهي، نه ايترو جيڪو منهنجي عَمَل جي قابِل آهي ۽ ان کي منهنجي طرف کان هن مَقبول ٻانهي کي نَذۡر پهچاءِ۔ پوءِ پنهنجو جيڪو مطلب، جائز (۽)