Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

* مسلمان کي جيڪا به تڪليف، اذيّت، انديشو، غم ۽ ڏُک پهچي ايستائين جو جيڪڏهن ان کي ڪنڊو به لڳي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان تڪليفن جي سبب ان جا گناھ مٽائي ڇڏيندو آهي.

(صحيح البخاري، ڪتاب المرضي ،باب ڪفارة المرض، الحديث ۵۶۴۰،ج،۴،ص،۳)

* قيامت جي ڏينهن جڏهن مُنادي (سڏڻ وارو) نِدا (سڏ) ڪندو: ڪير آهي جنهن جو الله عَزَّوَجَلَّ تي قرض آهي؟ ته مخلوق چوندي: اهڙو ڪير آهي جنهن جو قرض الله عَزَّوَجَلَّ تي هجي؟ فِرشتا چوندا: اهو جنهن کي (دنيا ۾) اهڙي مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويو جنهن سان ان جي دل غمگين ٿي، اکين مان لُڙڪ وهيا پر ان ثواب جي اُميد تي الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي لاءِ صَبۡر ڪيو اڄ اهو اُٿي بيهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ کان پنهنجو اَجۡر حاصل ڪري.

(نيکيوں کی جزائیں اور گناہوں کی سزائیں،ص۶۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قرباني جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي اندر صبر ۽ شڪر جهڙيون عادتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪريون ۽ ان ساراهيل خوبين کي پنهنجي ذات تي نافذ ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو هي به آهي ته اسان پنهنجي بزرگن جي سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪريون. جڏهن انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام ۽ اولياءِ عظام رَحِمَهُمُ اللـهُ السَّلَام جي واقعن کي پڙهنداسين ته اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ انهن جي ڪردارن جي مدني خوشبو سان اسان جي زندگي به مهڪڻ لڳندي. اڄ اسان حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي متعلق ٻڌو. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام پوري زندگي الله عَزَّوَجَلَّ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾