Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

وَ نَادَیۡنٰہُ اَنۡ یّٰۤاِبۡرٰہِیۡمُ ﴿۱۰۴﴾ۙ قَدۡ صَدَّقۡتَ الرُّءۡیَا ۚ اِنَّا کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۱۰۵﴾ اِنَّ ہٰذَا لَہُوَ الۡبَلٰٓـؤُا الۡمُبِیۡنُ ﴿۱۰۶﴾ وَ فَدَیۡنٰہُ بِذِبۡحٍ عَظِیۡمٍ ﴿۱۰۷﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ پيءُ پٽ کي پيشاني ڀر ليٽايو. (ان وقت جو حال نه پڇ) ۽ اسان ان کي سڏڻ فرمايو اي ابراهيم بي شڪ تو خواب سچو ڪري ڏيکاريو اسان ايئن انعام ڏيندا آهيون چڱن کي. بيشڪ اهو روشن امتحان هو. ۽ اسان هڪ وڏو ذبيحو ان جي فديي ۾ ڏيئي ان کي بچائي ورتو.

(تفسير خازن ج ۴ ص ۲۲ملخّصاً)

حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان واقعي مان جتي حضرت سَيّدُنا اسماعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي اعلٰي صَبۡر ۽ رِضا جو مقام ثابت ٿئي ٿو، اُتي حضرت سَيّدُنا ابراهيم خليل الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جو حد درجي جو مطيع ۽ فرمانبردار هئڻ به ظاهر ٿئي ٿو.

ڇا هر ڪو خواب ڏسي پنهنجو پُٽ ذبح ڪري سگهي ٿو؟

ياد رهي! ڪو به شخص خواب يا غيبي آواز ٻڌي ڪري پنهنجي يا ٻئي ڪنهن جي ٻار يا ڪنهن انسان کي ذبح نٿو ڪري سگهي، ڪندو ته سخت گنهگار ۽ جهنّم جي عذاب جو حقدار ٿيندو. حضرت اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام خواب ڏسي پنهنجي پُٽ کي قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا اهو حق آهي ڇو ته پاڻ نبي هئا ۽ نبي جو خواب وَحۡیِ الٰھی هوندو آهي. انهن هستين جو امتحان هو، حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جَنَّتي دنبو کڻي آيا ۽ الله تعاليٰ جي حڪم سان حضرت اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي پياري پُٽ جي جڳهه تي