Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

قامُوس ۾ آهي ته آزر، حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي چاچي جو نالو آهي. امام علّامه جلالُ الدّين سِيُوطي (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) مسالڪ الحُنَفاء ۾ به ايئن ئي لکيو آهي، چاچي کي پيءُ چوڻ سڀني ملڪن ۾ معمول آهي بالخصوص عرب ۾، قرآن ڪريم ۾ آهي ﴿ نَعۡبُدُ اِلٰہَکَ وَ اِلٰـہَ اٰبَآئِکَ اِبۡرٰہٖمَ وَ اِسۡمٰعِیۡلَ وَ اِسۡحٰقَ اِلٰـہًا وَّاحِدًا ان ۾ حضرت اِسمٰعِيل کي حضرت يعقوب جي ابن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ان جي باوجود جو پاڻ چاچا آهن. (خزائن العرفان،ص۲۶۱)

الغَرۡض پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام پنهنجي چاچي کي هر نموني سمجھايو پر اُهي پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏڻ تي راضي نه ٿيا ۽ نهايت سخت لهجي ۾ جواب ڏنو، جيئن قرآنِ پاڪ جي سيپاري 16، سورهء مريم جي آيت نمبر 46 ۾ انهن لفظن سان بيان فرمايو آهي:

قَالَ اَرَاغِبٌ اَنۡتَ عَنۡ اٰلِہَتِیۡ یٰۤـاِبۡرٰہِیۡمُ ۚ لَئِنۡ لَّمۡ تَنۡتَہِ لَاَرۡجُمَنَّکَ وَ اہۡجُرۡنِیۡ مَلِیًّا ﴿۴۶﴾

(سيپارو 16، سورة مريم آيت نمبر 46)

 

ترجمو ڪنزالايمان: چيائين ڇا تون منهنجي خدائن کان منهن موڙين ٿو اي ابراهيم بيشڪ جيڪڏهن تون نه مُڙين ته مان توتي پٿراءُ ڪندس۽ مون کان جدا ٿي وڃ ڊگھي زماني تائين.

ٿڌي باھ

پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي چاچي جڏهن توهان جي ڳالھ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو به توهان جو دشمن ٿي ويو ته ان کان پوءِ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام پنهنجي قوم کي دعوت ڏني ته انهن به سندن عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي ڳالھ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام مسلسل پنهنجي قوم کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ انهن کي ڪُفۡر ۽ شِرڪ جي اونداھي وادين کان ڪڍڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهيا پر اهي باز نه آيا ۽ اهي به پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جا دشمن ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا: