Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

خداوندي آيو ته پاڻ ان جي تعميل ڪندي ڪڏهن گھروارن کي شرڪ کان روڪيو ته ڪڏهن قوم کي نيڪي جي دعوت ڏئي انهن جي مخالفت کي منهن ڏنو، ڪڏهن وقت جي بادشاھ کي توحيد ۽ رسالت جو پيغامِ حَق ٻُڌايو، ڪڏهن پنهنجي قوم جي هٿان باهه ۾ سڙڻو پيو، وڏي چاهتن ۽ مُرادن کان پوءِ پوڙهائپ ۾ حاصل ٿيڻ واري کير پِياڪ پُٽ کي ان جي والده سان گڏ ويران بَرپَٽ ۽ ان ميدان ۾ جتي ڪو ڇانو لاءِ وڻ نه هو، رب عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان بغير ڪنهن دُنيوي سهاري جي اڪيلو ڇڏي ڏنو، ته ڪڏهن انهيءَ پُٽ جي نرم ۽ نازڪ ڪنڌ تي پنهنجي هٿن سان ڇُري هلائڻ کان به پوئتي نه هٽيا. الغرض پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي پوري زندگي اطاعتِ الٰهي ۾ گذرندي نظر اچي ٿي. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي حياتي جي داستان جو هڪ هڪ گوشو رضاءِ الٰهي تي راضي رهڻ جو درس ڏئي ٿو. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جو هر حال ۾ راضي برضاءِ الٰهي رهڻ جو جذبو صد ڪروڙ مرحبا! ڪاش! جو اسان به پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام وانگر پنهنجي مولٰي عَزَّوَجَلَّ جي رضا ۾ راضي رهڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! جو اسان به اطاعتِ الٰهي سان مَعۡمور زندگي گذارڻ وارا بڻجي وڃون.

حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام راھِ خدا ۾ پنهنجي اولاد تائين قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، اي ڪاش! اسان پنهنجو ڪجھ وقت ئي راھِ خدا ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون. خوُب خُوب مدني قافلن ۾سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وارا ۽ مدني ڪمن جون ڌومون مچائڻ وارا بڻجي وڃون.

حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي حياتِ طيّبه مان اسان کي هي به درس ملي ٿو ته اسان تي ڪيتري ئي وڏي مصيبت ڇو نه اچي وڃي